اتر جي هوائن ۽ هلڪي بارش سبب سنڌ ۾ ٿڌ وڌي وئي

اتر جي هوائن ۽ هلڪي بارش سبب سنڌ ۾ ٿڌ وڌي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ اتر جون هوائون گهلڻ ۽ هلڪي بارش سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي. ڪراچي، ٿرپاڪر، سکر، گهوٽڪي ۽ ٻين شهرن ۾ ٿڌ وئي آهي. ڪراچي جي آءِ آءِ چندريگر روڊ، ڪورنگي، لانڍي ۽ ٻين علائقن ۾ هلڪي بارش ٿي آهي. جنهن سبب روڊ سلپري آهن ڪيترائي موٽر سائيڪل سوار سلپ به ٿيا آهن. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان هلڪي بارش جو امڪان آهي ۽ 13 ڊسمبر تائين ٿڌ جي نئين لهر برقرار رهندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو