ابن ڏاڏن جي زمين تي بااثر قبضو ڪيو ويٺا آهن؛ ڳوٺاڻا

ابن ڏاڏن جي زمين تي بااثر قبضو ڪيو ويٺا آهن؛ ڳوٺاڻا

لکي غلام شاھ (نثارمنگي)ڳوٺ جهلي ڪلواڙي جي سوين ڳوٺاڻن زاهد ڪلوڙ، راشد ڪلوڙ، عمران، فرحان، ناظم، سرفراز، علي مراد، صدرالدين، ذوالفقار، شمس الدين ڪلوڙ، نثار، غلام شبر، عبدالحفيظ، جاني، صلاح الدين، رياض ڪلوڙ راجا ڪلوڙ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته جتوئي برادري جي هٿياربندن وزيرعطراڻي، رجب جتوئي، غلام جتوئي، نظام الدين جتوئي، عثمان عطراڻي، رمضان، شمشو عطراڻي جتوئي ۽ ٻين اسان جي 5 هزار ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪيو آهي اسان کي ٽن سالن کان وٺي فصل نٿو ڪاهڻ ڏنو وڃي. هنن جو چوڻ آهي ته اسان کان هر سال 50 لک منٿلي گھري پئي وڃي جنهن تي اسان انڪار ڪيو ته ھاڻي اسان جي زمينن تي قبضو ڪيو ويو آهي ۽ اندر پنهنجي زمينن تي اسان کي نٿو اچڻ ڏنو وڃي جيڪڏهن اسان زمين تي وڃون ٿا ته اسان مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي ٿي وڃي. ڪيترا ڀيرا اسان جي ڳوٺ مٿان فائرنگ ڪئي وئي آهي گذريل ڏينهن به فائرنگ ڪئي وئي اسان نٿا چاهيون ته جهيڙو ڪيون هن ئي زمين تي اسان جا اڳ ئي بيڏوهي 18 ماڻھون قتل ٿي چڪا آهن جن جا مختلف سردارن وڏيرن فيصلا ڪيا ڏنڊ به انهن مٿان پيا پر ڏنڊ جي رقم ۾ هڪ رپيو به نه ڏنو ويو. اسان ڪڏهن ڪنهن کي دانهن ڪونه ڏني اسان کي زمين کان سوا۽ ٻيو ڪو آسرو ڪونه آهي زمينون اسان جي ابن ڏاڏن جون آهن حد جي پوليس کي سڀ خبر آهي فائرنگ ڪرڻ وقت هو به نٿا نڪرن. اسان ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي سکر ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي زمين تان قبضو ختم ڪرائي  ڏنو وڃي ته جيئن اسان ڪڻڪ جو فصل پوکي سگهون. 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو