ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) رمضان المبارڪ جو ڀلارو مهينو تيزي سان ختم ٿي رهيو آهي. ان دران پنهنجن پيارن سان عيد جون خوشيون ملهائڻ لاءِ شهري اباڻن علائقن ڏانهن روانا ٿيڻ لڳا آهن.ٽرانسپورٽرز مسافرن کان اضافي ڀاڙو وصول ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪراچي کان راولپنڊي وڃڻ جو مقرر ڪيل ڀاڙو 3900 روپيه آهي پر شهرين کان 6000 روپين تائين وصول ڪيا پيا وڃن.جن شهرن جو ڀاڙو 1500 کان 1800 روپين تائين آهي اتان جا 3000 کان 3200 روپين تائين وصول ڪيا پيا وڃن. جنهن سبب شهري سخت پريشان ٿي ويا آهن.










