اباڻي زمين تي وڏيري جو قبضو، پورهيت جو احتجاج

دڙو: (ن سنڌ يار) جاتي واسي ايمبولينس ڊرائيور ۽ ٻين پاران اڳوڻي صوبائي وزير غلام قادر ملڪاڻي جي پٽ دانش خان ملڪاڻي ۽ ٻين خلاف زرعي زمين تي قبضو ڪري جان کان مارڻ جي ڏنل مبينا ڌمڪين خلاف سرڪاري اسپتال کان ھڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. جيڪا ٽيڪسي اسٽاپ, پريس ڪلب چوڪ ۽ شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي پڃاري پل وٽ ڌرڻي ۾ تبديل ٿي وئي. ان موقعي تي رجب علي ميمڻ, حفيظ الله ميمڻ, عزيز ميمڻ ۽ ٻين الزام ھڻندي چيو ته جاتي تعلقي جي بيگناھ واري علائقي جي ديهه کيرسر ۾ سندن اباڻي زمين ۽ گھر موجود آھن. ڄاڻايل زرعي زمين کي حاصل ڪرڻ لاء اڳوڻي صوبائي وزير غلام قادر ملڪاڻي جي پٽ دانش خان ملڪاڻي ۽ سندس ڪمندار حاجي حسن ملاح ظلم ۽ زيادتين جا پھاڙ ڪيرائي ڇڏيا آھن. ھنن چيو ته وڏيرو  زبردستي طور اسانجي اباڻي زمين کي حاصل ڪرڻ چاھي ٿو. زمين نه ڏيڻ تان ھن پنھنجي خاص ڪمدار جي معرفت ڪرين مشين کي زمين ۾ آڻي لکين روپين جو فصل ڀيلائي ڇڏيو آھي ۽ زمين کي سيراب ڪندڙ سرڪاري واٽر کي غيرقانوني طور ٽوڙائي زمين تي مڪمل قبضو ڪري ڇڏيو آھي. ھنن وڌيڪ الزام ھڻندي چيو ته جاتي تعلقي جي بااثر وڏيرن ھن کان اڳ به زرعي زمين نه ڏيڻ تان بيگناھ موري جي رھندڙ معزز زميندار حاجي سليمان ميمڻ جي نوجوان پٽ نظير احمد ميمڻ کي قتل ڪرايو هو ۽ ان کان پوء سليمان ميمڻ پٽ جي جدائي ۽ خوف سبب ڊڄي سجاول شھر ۾ لڏي اچي ويٺو آھي. ۽ ھاڻي دانش ملڪاڻي منھنجي زمين ڦٻائڻ لاء پويان پئجي ويو آھي۔ ھنن چيو ته اسانجي جان ۽ مال کي سخت خطرو درپيش آھي۔ ڪجھ به ٿيو ته ان جو زميوار وڏيرو ۽ سندس ڪمدار ھوندو۔ ھنن سپريم ڪورٽ, ھائي ڪورٽ جي چيف جسٽس, وزيراعظم, وزيراعلي سنڌ, آئي جي سنڌ ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته بااثر ماڻھن خلاف سخت ڪارروائي ۽ اسان سان انصاف ڪري زمين ۽ جاني مالي تحفظ ڏياريو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو