آءِ بي اي جي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

آءِ بي اي جي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

ڪنڌڪوٽ (ن سنڌيار)ڪنڌڪوٽ ۾ آ بي اي جي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو آڊر نه ملڻ جي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو،مظاهري دوران سرفرازشاھ وقاراحمد سندراڻي دليجان بنگوار منظوراوڳاهي اظهردين نوناري نادرشاھ عابدحسين ڏهاڻي ماجدعلي اوڳاهي ميڊيا اڳيان ڳلائيندي چيو ته ڊي او ڪشمورائٽ ڪنڌڪوٽ اصل جايون ظاهرنه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪري رهياآھيون هنن چيو ته اسين 40 مارڪون کڻي پاس ٿيا آھيون پر اسان کي اڃان تائين آفرآڊر نه مليا آھن اسان جو مطالبوآھي ته 2013کان 2022 تائين تعليم کاتي ۾ ڪابه ڀرتي ناهي ٿي ان باوجود به 100کان 120جايون ٻڌايون وڃن پيون اميدوارن وڌيڪ چيو ته سڪيٽري تعليم هنن خلاف ايڪشن کڻي ۽ اسان کي پنهنجا جائزحق ڏياري ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو۔۔۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو