آڪٽوبر ۾ چونڊون وقت تي ٿينديون: خواجا آصف

آڪٽوبر ۾ چونڊون وقت تي ٿينديون: خواجا آصف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آڪٽوبر ۾ چونڊون وقت تي ٿينديون.عرب ٽي وي سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته پاڪستان ۾ سياسي بحران ضرور آهي پر ان تي تمام جلد قابو پئجي ويندو.هن چيو ته 9 مئي تي پي ٽي آءِ جي هٿياربندن فوجي تنصيبات تي حملو ڪيو. راولپنڊي، ميانوالي ۽ لاهور ۾ پرتشدد واقعن ۾ پي ٽي آءِ ملوث هئي.خواجا آصف چيو ته پاڪستان ۾ اڳ به گرفتاريون ٿيون، مون کي به گرفتار ڪيو ويو، منهنجي اڳواڻ ۽ منهنجي سياسي پارٽي جي ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، اسان کي گرفتار ڪيو ويو پر اسان ڪڏهن به تشدد جي سياست نه ڪئي.ن ليگ اڳواڻ چيو ته اسان ڪڏهن به گرفتارين تي فوجي ۽ سول سهولتن تي حملا نه ڪيا آهن، فوجي ۽ سول سهولتن تي حملا ڪندڙ ملڪ جا دشمن آهن.خواجا آصف چيو ته سياسي اختلاف آهن پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ملڪيتن تي حملا ڪيا وڃن، پي ٽي آءِ جي شرپسندن فوجي تنصيبات تي حملو سوچي سمجهي رٿابندي ڪئي.هن چيو ته اهڙو عمل پاڪستان خلاف جنگ جي برابر آهي، حملي آورن جو ٽرائل فوجي عدالتن ۾ آئيني طريقي موجب ٿيندو، اسان نيون عدالتون ۽ نوان قانون نه ٺاهي رهيا آهيون، اڳ ۾ موجود قانون موجود آهن.هن چيو ته اهڙن جوابدارن کي هاءِ ڪورٽ ۽ پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪرڻ جو حق هوندو، اسان صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.وفاقي وزير چيو ته شهرن ۾ امن بحال ٿي ويو آهي ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ حالتون معمول تي اچي وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو