آڪاش انصاري قتل ڪيس ۾ وات سڏيل پٽ کي موت جي سزا

آڪاش انصاري قتل ڪيس ۾ وات سڏيل پٽ کي موت جي سزا

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ-I (فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج) عدالت، 27 جنوري تي سنڌ جي مزاحمتي شاعر آڪاش انصاري جي قتل ۾ سندس وات سڏيل پٽ شاهه لطيف عرف وشال کي مجرم قرار ڏيندي موت جي سزا ٻڌائي آهي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري هڪ مشهور سنڌي شاعر، صحافي ۽ سماجي ڪارڪن هو، جنهن کي 15 فيبروري 2025 تي سندس گهر ۾ بيدردي سان قتل ڪيو ويو ۽ پوءِ لاش کي ساڙيو ويو. قاتل اڳ ۾ حادثي جو تاثر ڏنو هو پر بعد م پوليس جاچ دوران اهو قتل ثابت ٿيو.ڪيس ڀٽائي نگر پوليس اسٽيشن ۾ FIR نمبر 29/2025 تحت درج ڪيو ويو هو، جنهن ۾ شق 302 (سوچيل قتل)، 201 (ثبوت جو غائب ڪرڻ يا ڪوڙو بيان ڏيڻ)، 511 ۽ 436 شامل آهن، گڏوگڏ 1997 جي انٽي-ٽيررزم ايڪٽ جون دفعا 6 ۽ 7 پڻ لاڳو ڪيون ويون هيون.پوليس جي تحقيق موجب، ڊاڪٽر آڪاش جي جسم تي ڪيترائي گهرا زخم ۽ چاقو جي وارن جا نشان مليا، جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته کيس سخت تشدد ڪري قتل ڪيو ويو، ان کان پوءِ سندس جسم کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن ثبوت لڪل رهي.جج تصور علي راجپوت ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي وشال کي قتل جو مجرم قرار ڏيندي موت جي سزا ٻڌائي.

سماجي ردعمل

فيصلو ٻڌائڻ کان پوءِ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جا دوست، وڪيل ۽ ادبي شخصيتون عدالت جي ٻاهران گڏ ٿي شاعر کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سندس شهرت واري شاعري “يار جلد ملو” پڙهي ياد ڪيو۔سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن فيصلي جي ڀليڪار ڪئي آهي.ياد رهي ته آڪاش انصاري جي گهرواري پنهنجي ويڳي پٽ کي بچائڻ لاءِ آخري وقت تائين ڪوششون ڪندي رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو