آڊيو ليڪ ڪيس، حڪومت بعد جاچ ڪميشن جو به بينچ تي اعتراض

اسلام آباد(بيوو رپورٽ)آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف درخواستن تي انڪوائري ڪميشن جي سيڪريٽري سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.وفاق کانپوءِ آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن به سپريم ڪورٽ جي بينچ تي اعتراض اٿاريا آهن.سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل انڪوائري ڪميشن جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته آئيني درخواستون قابل قبول ناهن.انڪوائري ڪميشن 5 رڪني بئنچ جي قيام جي طريقيڪار تي به اعتراض ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته بينچ جي قيام جو معاملو ججن جي ڪميٽي آڏو نه رکيو ويو. بهتر ٿيندو ته 5 رڪني بئنچ ٻڌڻي ملتوي ڪري جيستائين ججن جي ڪميٽي جوڙي وڃي. انڪوائري ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڪميشن کي ٻڌڻ کانسواءِ ان جي ڪارروائي روڪي وئي، مبينا آڊيو ليڪس جي ٻين ماڻهن سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل نه ڪئي ۽ نه ئي ڪميشن تي ڪو اعتراض اٿاريو. ڪميشن پهرين اجلاس ۾ آرٽيڪل 209 تي پنهنجو موقف واضح ڪيو هو ۽ واضح ڪيو هو ته ڪميشن جي ڪارروائي کي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي نه سمجهيو وڃي.جواب ۾ چيو ويو آهي ته صدر سپريم ڪورٽ بار آڊيو ليڪ ڪميشن خلاف درخواست داخل ڪئي آهي.چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي نه ڪئي.ڪو به جج ذاتي مفادن سان لاڳاپيل ڪيس جي ٻڌڻي نٿو ڪري سگهي.انڪوائري ڪميشن جو چوڻ آهي ته آڊيو ليڪس جي انڪوائري ۾ ڪميشن جو ڪو به ذاتي مفاد ناهي، قانون تحت ڪميشن کي اها ذميواري ڏني وئي آهي.ڪميشن آئين ۽ قانون موجب پنهنجي ذميواري پوري ڪندي، ڪميشن يقين ڏياريو آهي ته ڌرين جا اعتراض ٻڌا ويندا ۽ غور ڪيو ويندو.صحافي قيوم صديقي ۽ خواجا طارق رحيم ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهن، ججن قسم کنيو آهي ته هو آئين ۽ قانون موجب پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا.جواب ۾ چيو ويو آهي ته خواجا طارق رحيم سميت 6 درخواستگذارن به پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواست داخل ڪئي هئي.رجسٽرار آفيس اعتراض اٿاريو ته اهي درخواستون 184/3 تحت قابل سماعت نه آهن، رجسٽرار آفيس جي اعتراضن خلاف ڪيس کي چيمبر جي اپيل ٻڌڻ کان سواءِ 8 رڪني بينچ آڏو رکيو ويو.8 رڪني بينچ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو.ڪميشن جو چوڻ آهي ته هو عوام جو پئسو بچائڻ لاءِ پنهنجا وڪيل نه لڳائي رهيا آهن، درخواست آهي ته اهو جواب سيڪريٽري کي کليل عدالت ۾ پڙهي ٻڌايو وڃي، ڪميشن عدالت کي يقين ڏياريو ته ڪارروائي ۾ سمورا قانوني گهرجون پوريون ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو