اسلام آباد (بيورو رپورٽ)گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته آڊيو ليڪس ۾ ڪا اندروني ايجنسي يا ڪا مخالف ايجنسي ملوث ناهي، ماڻهو انفرادي طور ملوث آهن، اهو فيصلو وزيراعظم ڪندو ته آڊيو ليڪس جي جاچ ڪٿي پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته وفاقي حڪومت خلاف هن ايڊونچر جي ذميوارن خلاف ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب ۾ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هن چيو ته سوسائٽي ۾ پلاٽ خريد ڪرڻ ڏوهه ناهي، جنهن شخص کي پلاٽ جي رجسٽريشن ڪرائڻي آهي اهو فيس ادا ڪري ٿو، خريد ڪندڙ نه ٿو ڏئي.هن وڌيڪ چيو ته منهنجي گرفتاري وارنٽ تي ايڊريس فيصل آباد جو آهي، مان ٻه ڏينهن فيصل آباد ۾ رهيس، جيڪڏهن گرفتار ٿيڻو هجي ها ته اتي اچي ها، منهنجا وارنٽ حاصل ڪرڻ لاءِ رڪارڊ ٽمپر ڪري عدالت کي گمراهه ڪيو ويو.










