آڊيو ليڪس معاملو، قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب

آڊيو ليڪس معاملو، قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس سميت اهم هنڌن کان ڳجهي رڪارڊنگ جي معاملي تي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس اربع ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس ۾ آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي جا سربراهه به شرڪت ڪندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ بي ۽ آءِ ايس آءِ سربراهه ڳجهي رڪارڊنگ بابت قومي سلامتي ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ بچاءَ وارو وزير، گهرو وزير، پرڏيهي وزير ۽ ناڻي وارو وزير به شرڪت ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو