آڊيو ليڪس قومي سلامتي جي رازداري کي عالمي سطح تي وائکو ڪيو: عمران خان

آڊيو ليڪس قومي سلامتي جي رازداري کي عالمي سطح تي وائکو ڪيو: عمران خان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته آڊيو ليڪس ذريعي پاڪستان جي قومي سلامتي جو راز عالمي سطح تي سامهون آيو. آڊيو ليڪس واري معاملي تي ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته وزيراعظم جي حيثيت سان منهنجي فون جي سيڪ لائن بگ ٿي وئي، آڊيو ليڪس قومي سلامتي جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. عمران خان آڊيو ليڪس کي وزيراعظم آفيس ۽ وزيراعظم هائوس جي سيڪيورٽي لاءِ سواليه نشان قرار ڏيندي چيو ته ليڪس جي صداقت جي جاچ لاءِ عدالت وڃڻ جو ارادو رکون ٿا.هن وڌيڪ چيو ته اسان هڪ جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو به منصوبو ڪري رهيا آهيون ته جاچ ڪري ته ڪهڙي انٽيليجنس ايجنسي آهي، جيڪا اهم آهي ڇو ته حساس سيڪيورٽي معاملن کي غير قانوني طور رڪارڊ ڪيو ويو ۽ پوءِ هيڪ ڪيو ويو. عمران خان جو چوڻ آهي ته آڊيو ليڪس ذريعي پاڪستان جي قومي سلامتي جا راز عالمي سطح تي سامهون اچي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو