آچر تي برسات جي اڳڪٿي،فائنل متاثر ٿيڻ بعد ڇا فصلو ٿيندو؟

آچر تي برسات جي اڳڪٿي،فائنل متاثر ٿيڻ بعد ڇا فصلو ٿيندو؟

ميلبورن(ويب ڊيسڪ) سڀاڻي آچر تي پاڪستاني وقت موجب منجهند هڪ وڳي شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ فائنل جي بلاڪ بسٽر مقابلي لاءِ ٻئي ٽيمون تيار آهن. آسٽريليا جي موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب آچر 13 نومبر تي ميلبورن ۾ 100 سيڪڙو برسات جو امڪان آهي. آسٽريليا جي مقامي وقت موجب شام 7 وڳي شروع ٿيندڙ ميچ برسات سبب متاثر ٿي سگهي ٿي. ماهرن جو چوڻ آهي تي فائينل ميچ متاثر ٿيڻ جي صورت ۾ 13 نومبر تي اڌ ڪلاڪ اضافي ٽائيم به رکيو ويو آهي. جيڪڏهن بارش ٿي ۽ ڪجهه دير بعد رڪجي وئي ته هر ٽيم ڏهه ڏهه اوور کيڏندي. جيڪڏهن ڪجهه اوور ٿيا ۽ بعد ۾ بارش پئي ته سومر تي پاڪستاني وقت موجب رات 9 وڳي ميچ اتان شروع ٿيندي جتي ڇڏي وئي هئي. جيڪڏهن راند آچر تي شروع ئي نه ٿي ته پوءِ سومر تي پاڪستاني وقت موجب رات 9 وڳي کيڏي ويندي. جيڪڏهن سومر تي به بارش ٿي ته پوءِ ٻنهي ٽيمن کي فاتح قرار ڏنو ويندو. جيڪڏهن ايئن ٿيو ته اهو پهريون دفعو هوندو. ياد رهي هن ڀيري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جون 12 ميچز برسات سبب متاثر ٿي چڪيون آهن. موسميات کاتي پاڪستان ۽ انڊيا جي ميچ جيڪا 23 آڪٽوبر تي کيڏي وئي هئي ان دوران 95 سيڪڙو برسات جي اڳڪٿي ڪئي هئي پر ميچ متاثر نه ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو