آپريشن بعد اتر سنڌ جا ڌاڙيل سجاول جي ٻيلن ۾ پهچي ويا

دڙو (ن سنڌ يار)اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪاروائي بعد اڪثر ڏوهاري سجاول ضلعي جي درياھي ڪنڌي تي آباد شھرن ٻنون، دڙو، ٻيلو، ڪوٽ عالمون ۽ ٻين علائقن جي ڪچي وارن علائقن ۾ پناهه ورتي آهي. شڪارپور، ڪشمور ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن طرفان ڏوھارين خلاف ٿيندڙ آپريشن جي خوف سبب خطرناڪ ڌاڙيلن ۽ ٻين ڏوھارين جي سجاول اچڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو آھي. مقامي ماڻھن ٻڌايو ته بدنام ڏوھارين لاڙ جي پرامن طور تصور ڪيو ويندڙ ضلعي سجاول ۽ ٺٽو جي ڪچي طرف رخ ڪيو آھي. اطلاع موجب روزانو ڪيترائي نوان ۽ اوپرا ماڻھو ٻنون ۽ دڙو جي ڪچي وارن ٻيلن کڏي، مولچند، جراڙ، ھديراڻي، پناھ سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڌڙا ڌڙ  اچي رھيا آھن. جڏھن ته ڪچي جي ٻيلن ۾ ٻاھر کان ايندڙ غير ماڻھن جي آبادڪاري کي روڪڻ ۽ انھن تي نظر رکڻ لاءِ دڙو ۽ ٻنون پوليس اڃا تائين ڪي به قدم ناھن کنيا. جڏھن ته ٻنون پوليس اسٽيشن جي ماتحت ڪچي وارن علائقن جي اھم لنگھن، رستن توڙي ايندڙ ويندڙ ماڻھن جي چرپر تي نظر رکڻ لاء ڏھن جي لڳ ڀڳ پوليس جي چيڪ پوسٽن تي پوليس جي نفري نه ھئڻ سبب ڪافي عرصي کان بند پيل آھن. پوليس پاران ايندڙ ويندڙ مشڪوڪ ماڻھن جي چيڪينگ ڪرڻ لاء پيٽرولينگ پوليسنگ جو ڪوبه جوڳو نظام ناھي. مقامي ڳوٺاڻن موجب کڏي، مولچند، پناھ، ھديراڻي ۽ ٻين ٻيلن ۾ ٻاھر کان آيل ڪافي خطرناڪ ڌاڙيلن کي جديد ھٿيارن سان ليس مشڪوڪ سرگرميون ڪندي ڏٺو ويو آھي. ھوڏانھن ٻنون جي رينج فاريسٽ آفيسر فدا حسين گگو ٻنون جي مختلف ٻيلن ۾ ڏوھاري ماڻھن جي آبادڪاري وارن اطلاعن جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڪچي ۾ ڪافي ٻاھر کان آيل ماڻھن ۽ انھن جي مشڪوڪ سرگرمين جا اطلاع مليا آھن. جنھن لاءِ ايس ايس پي سجاول ۽ ٻنون پوليس سان رابطي ۾ آھيون.

پهنجو تبصرو موڪليو