آمنه بلوچ پرڏيهي سيڪريٽري جي ذميواري سنڀالي ورتي

آمنه بلوچ پرڏيهي سيڪريٽري جي ذميواري سنڀالي ورتي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سينيئر سفارتڪار آمنه بلوچ پرڏيهي سيڪريٽري جا فرض سنڀالي ورتي.ان حوالي سان پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته آمنه بلوچ کي 33هين پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، هوءَ تجربيڪار سفارتڪار آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته آمنه بلوچ چين ۾ پاڪستاني قونصل جنرل رهي چڪي آهي، هوءَ يورپي يونين، بيلجيم ۽ ملائيشيا ۾ پاڪستاني سفير رهي چڪي آهي.ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته آمنه بلوچ پاڪستان جي ٻي عورت پرڏيهي سيڪريٽري آهي، ان کان اڳ تهمينه جنجوعه پرڏيهي سيڪريٽري جو عهدو سنڀالي چڪي آهي.آمنه بلوچ ان کان اڳ پرڏيهي پاڪستاني مشنز ۾ اهم عهدن تي رهي چڪي آهي، هوءَ چين ۾ قونصل جنرل ۽ ملائيشيا ۾ هاءِ ڪمشنر جون ذميواريون سنڀالي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو