آمريڪي ڪمانڊر جي جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات

اسلام آباد (بيورورپورٽ) آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) جي ڪمانڊر جنرل ڪينٿ ميڪينزي پاڪستان جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪئي آهي. جنهن ۾ افغانستان جي صورتحال، خطي جي سلامتي ۽ ڀارت سان پيدا ٿيل ڇڪتاڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.ان کان اڳ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جو ڪمانڊر جنرل 17 رڪني وفد سان گڏ ڳالهين لاءِ اسلام آباد پهتو. آمريڪي جنرل ڪينٿ ميڪينزي پاڪستان جي سول ۽ فوجي قيادت سان مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون جنهن ۾ افغانستان مان آمريڪا فوجين جي واپسي ۽ طالبان سان ٿيل ڳالهين ۾ پيش رفت بابت مشاورت ڪئي. ياد رهي ته آمريڪا ۽ طالبان ۾ ٿيل ڳالهين بابت افغانستان جي صدر اشرف غني تحفظات جو اظهار ڪيو هو ۽ اوچتو آمريڪا جو دور پڻ ملتوي ڪري ڇڏيو هيو 

پهنجو تبصرو موڪليو