آمريڪي ڊالر بي قابو، پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ مسلسل گهٽتائي

آمريڪي ڊالر بي قابو، پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ مسلسل گهٽتائي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ سياسي عدم استحڪام سبب ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي نه اچي رهي آهي. انٽر بئنڪ ۾ اڄ به ڊالر 3 رپيا 57 پئسا مهانگو ٿي 236 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڊالر 3 رپيا 5 پئسا مهانگو ٿي 232 رپيا 93 پئسا تي بند ٿيو هو. اسٽيٽ بئنڪ جي وقتي گورنر ڊاڪٽر مرتضيٰ سيد پڻ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته عالمي معيشت ۾ هڪ ئي وقت ڪيترائي بحران ظاهر ٿي رهيا آهن، سياسي غير يقيني صورتحال سبب فيصلن ۾ دير ٿيڻ نقصانڪار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو