واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن 6 جون کان سعودي عرب جو 3 ڏينهن جو دورو ڪندو.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جو چوڻ آهي ته انتوني بلنڪن سعودي عرب جي دوري دوران سعودي عملدارن سان ملاقاتون ڪندو.ان حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ انتوني بلنڪن چيو آهي ته هو سعودي عرب ۾ خليج تعاون ڪائونسل ۽ آمريڪا جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.هن چيو ته هو رياض ۾ داعش خلاف وڙهندڙ 80 ملڪن جي اتحاد جي اجلاس ۾ به شريڪ ٿيندو.










