اسلام آباد(بيورو)آمريڪي ڪانگريس وومين شيلا جيڪسن چيو آهي ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي مدد جاري رکندي. پاڪستان جي دوري تي آيل آمريڪي ڪانگريس وومين شيلا جيڪسن اسلام آباد ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان گڏ پارليامينٽ هائوس پهتي جتي هنن سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملاقات ڪئي.ملاقات جي حوالي سان جاري ڪيل پڌرائي موجب ٻنهي ملڪن جي شخصيتن وچ ۾ ملاقات ۾ پاڪستان-آمريڪا لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۽ آمريڪا جا تعميري لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ ترقي کي هٿي ڏيندا.ان دوران آمريڪي وفد چيو ته هو ڏکئي وقت ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي مدد جاري رکندا.آمريڪي ڪانگريس وومين شيلا جيڪسن پڻ ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي سروي ڪيو.










