آمريڪا جا ايران تي نوان حملا، پاسدارانِ پاران هرمز مڪمل بند ڪرڻ جو اعلان

آمريڪا جا ايران تي نوان حملا، پاسدارانِ پاران هرمز مڪمل بند ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) چيو آهي ته ايران خلاف حملن جو نئون سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، هيءَ ڪارروائي پاسدارانِ انقلاب پاران قبرص جي جهنڊي واري هڪ ڪنٽينر بردار جهاز تي حملي کانپوءِ ڪئي وئي آهي. سينٽڪام موجب، ايراني حملي کانپوءِ عملي جو هڪ ميمبر گم ٿيل آهي، جهاز کي باهه لڳي وئي ۽ انجڻ روم کي سخت نقصان پهتو آهي، جنهن ڪري جهاز پنهنجو سفر جاري رکڻ جي قابل ناهي. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جو چوڻ آهي ته ايران کي ان کان اڳ به تجارتي جهازن تي حملن کانپوءِ پنهنجو رويو بهتر بڻائڻ ۽ مفاهمتي ياداشت (MoU) جي پاسداري ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو هو، پر ايران هڪ ڀيرو ٻيهر ان ۾ ناڪام رهيو. سينٽڪام وڌيڪ چيو ته اهي حملا آمريڪي صدر جي هدايت تي ڪيا پيا وڃن. ٻئي طرف، يوڪي ميري ٽائيم ٽريڊ آپريشنز ايجنسي جو چوڻ آهي ته عمان کان 9 ناٽيڪل ميل اوڀر ۾ هڪ واقعي جي رپورٽ ملي آهي. ايران جي پاسدارانِ انقلاب جي بحري فوج (نيوي) آبنائي هرمز کي تاحڪمِ ثاني بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته هڪ بحري جهاز غير منظور ٿيل رستي تان گذرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي کيس ڊيڄاريندڙ (انتباھي) فائرنگ ڪئي وئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ اطلاع تائين ڪنهن به بحري جهاز کي آبنائي هرمز مان گذرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. پاسدارانِ انقلاب خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن دشمن ان واقعي کي بهانو بڻائي ڪنهن به قسم جي غلطي ڪئي ته ان کي سخت جواب ڏنو ويندو.

عمان ۾ آمريڪي ٻيڙن جي لاجسٽڪ سپورٽ مرڪزن تي حملا ڪيا، قطر ۾ العديد اڏي کي نشانو بڻايو: پاسدارانِ انقلاب
ايراني پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته آمريڪي حملن جي جواب ۾ عماني بندرگاهه تي آمريڪي جنگي ٻيڙن جي لاجسٽڪ سپورٽ مرڪزن تي حملو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته تيل (ايندھن) ڀرڻ وارن پليٽ فارمن کي به تباهه ڪيو ويو آهي. پاسدارانِ انقلاب موجب، قطر ۾ واقع ”العديد“ فضائي اڏي کي به بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو، جتي جنگي جهازن جي ڏيک ويس (مرمت) جي مرڪز سميت ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر کي تباهه ڪيو ويو آهي.

هڪطرفي ڊيل جو دور ختم ٿي چڪو، باقر قاليباف آمريڪا سان ٿيل معاهدي جي شق به شيئر ڪري ڇڏي
ايران جي مرڪزي مذاڪرات ڪار ۽ پارلياماني اسپيڪر محمد باقر قاليباف آمريڪا پاران ٻيهر فوجي ڪارروايون ڪرڻ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هڪطرفي ڊيل جو دور هاڻي ختم ٿي چڪو آهي.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ باقر قاليباف وڌيڪ لکيو ته: ”يا ته پنهنجن لفظن تي قائم رهو يا پوءِ قيمت ڀريو، هاڻي حقيقت جو سامھون ڪرڻ جو وقت اچي رهيو آهي.“باقر قاليباف آمريڪا سان طئي ٿيل معاهدي جي شق نمبر 5 کي به نمايان ڪيو، جنهن ۾ لکيل آهي ته ”اسلامي جمهوريه ايران تجارتي (ڪمرشل) جهازن جي گذرڻ جي حوالي سان انتظام ڪندو.“

ايران تي حملن جو ٽيون مرحلو مڪمل، 140 فوجي هدفن کي نشانو بڻايو ويو: آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊر جو چوڻ آهي ته ايران تي حملن جو ٽيون مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي ۽ ان دوران آمريڪي فوج ايران جي 140 فوجي هدفن کي نشانو بڻايو آهي.سينٽرل ڪمانڊ موجب، ايران جي ميزائل ۽ ڊرون سائيٽس، بحري صلاحيتن ۽ هٿيارن جي ذخيرن کي نشانو بڻايو ويو آهي. آمريڪي فوجن هيل تائين مجموعي طور تي 300 کان وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻايو آهي.

ايران جو اردن ۾ ”پرنس حسن ائير بيس“ تي قائم ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ايران جي پاسدارانِ انقلاب اردن جي ”پرنس حسن ائير بيس“ ۾ قائم ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي. پاسدارانِ انقلاب موجب، آمريڪا ايران جي ڏکڻ ساحلي علائقن ۾ ڪيترن ئي فوجي اڏن ۽ مواصلاتي ٽاورن تي فضائي حملا ڪيا هئا، جنهن جي جواب ۾ اهي ڪارروايون ڪيون ويون آهن.

دفاعي نظام ايران پاران ايندڙ ميزائلن کي روڪي رهيو آهي: يو اي اي
گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي دفاع واري وزارت چيو آهي ته ملڪ جو فضائي دفاعي نظام (ايئر ڊيفينس سسٽم) ايران جي طرف کان ايندڙ ميزائلن ۽ ڊرونز کي روڪي رهيو آهي.دفاع وزارت موجب، فضائي دفاعي نظام ايراني ميزائلن ۽ ڊرونز جو اثرائتي انداز ۾ مقابلو ڪري رهيو آهي، پر فوري طور تي ڪنهن نقصان يا جاني نقصان جا تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.

ايران تي آمريڪي حملن جي ڪجهه دير کانپوءِ بحرين ۽ قطر ۾ ڌماڪن جا آواز
ايران تي آمريڪي حملن جي ڪجهه ئي دير کانپوءِ بحرين ۾ به ڌماڪا ٻڌا ويا آهن. بحرين جي دفاع واري وزارت جو چوڻ آهي ته ڌماڪن جا آواز دشمن جي ميزائلن کي تباهه ڪرڻ جا آهن، ميزائل دفاعي نظام ڊرونز ۽ ميزائلن کي ناڪاره بڻائي رهيو آهي.خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب، قطري گاديءَ واري هنڌ (دوحه) ۾ به زوردار آواز ٻڌا ويا آهن. ان کان اڳ قطر جي گهرو وزارت شهرين کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت جاري ڪئي هئي.

لبنان مان هجرت ڪندڙ 2 لک شهري ڊگهي وقت تائين واپس نه اچي سگهندا: اسرائيلي دفاع وارو وزير
اسرائيلي دفاع واري وزير ڪاٽز چيو آهي ته ڏکڻ لبنان مان هجرت ڪندڙ (انخلا ڪندڙ) ٻه لک شهري ڊگهي وقت تائين واپس نه اچي سگهندا، ڇاڪاڻ ته سندن لڳ ڀڳ اڌ گهر اڳيئي تباهه ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي اتي ڪو به عام شهري ناهي، اتي رڳو اسرائيلي فوجي آهن يا تباهه ٿيل گهر آهن.

آمريڪا ڊيل تحت ڪيل واعدا پورا نه ڪيا ته مفاهمتي ياداشت تي عمل ڇڏي ڏينداسين: ايران
گڏيل قومن (UN) ۾ ايران جي سفير امير سعيد ايرواني خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ڊيل تحت پنهنجا واعدا پورا نه ڪيا ته ايراني حڪومت مفاهمتي ياداشت تي عمل ڪرڻ ڇڏي ڏيندي.گڏيل قومن جي سلامتي کونسل جي ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي امير سعيد ايرواني 7 ۽ 8 جولاءِ تي ايراني جزيرن ۽ ڏاکڻين شهرن تي آمريڪي حملن کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ ٻطرفي مفاهمتي ياداشت جي چٽي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. ايراني مندوب چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ائين ڀڃڪڙيون جاري رکيون ته ايران به پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ جو پابند نه رهندو.

آمريڪي فوج آبنائي هرمز جي علائقي ۾ ايراني هدفن تي حملا شروع ڪري ڏنا: آمريڪي ميڊيا
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري ”ايڪسيوس“ (Axios) هڪ آمريڪي عهديدار جي حوالي سان رپورٽ ڪيو آهي ته آمريڪي فوج آبنائي هرمز جي علائقي ۾ ايراني هدفن کي نشانو بڻائي رهي آهي. رپورٽ ۾ ڪارروائين جي نوعيت، نشانو بڻايل ماڳن يا ممڪنه نقصانن جا تفصيل ناهن ٻڌايا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو