ايران /تهران (ويب ڊيسڪ) آمريڪي فوج ايران خلاف حملن جي ٻي لهر شروع ڪري ڏني آهي. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) موجب، اهي حملا ايراني فوجي صلاحيتن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، جن کي آبنائي هرمز مان آزاديءَ سان گذرندڙ بحري جهازن لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو هو. سينٽڪام چيو ته آبنائي هرمز عالمي واپار لاءِ هڪ انتهائي اهم بين الاقوامي آبي گذرگاهه آهي. ايران جي مهر نيوز ايجنسي موجب، ايران جي شهر چابهار ۾ 3 ڌماڪن جا اطلاع مليا آهن. ايراني فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هن اردن جي الازرق ايئر بيس ۾ آمريڪي فوج جي مواصلاتي نظام ۽ هڪ مستقل ريڊار سائيٽ کي ڊرونز ذريعي نشانو بڻايو آهي.
سول انفرااسٽرڪچر تي حملا ٿيا ته خطي جي ڍانچي کي چٿي ڇڏينداسين، ايران
ايران جي فوج خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا پنهنجي ڌمڪي تي عمل ڪندي ايران جي شهري انفرااسٽرڪچر تي حملو ڪيو ته “خطي جو سمورو بنيادي ڍانچو فولادي حملن هيٺ چٿجي ويندو.” آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته هن ايران تي حملن جو هڪ ٻيو سلسلو شروع ڪيو آهي، جڏهن ته ايراني ميڊيا موجب قشم ٻيٽ، بندر عباس ۽ چابهار ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن.
خليجي ملڪن ۾ امڪاني جنگ لاءِ تياريون تيز
هن غيريقيني صورتحال ۾ ڪيترائي خليجي ملڪ هر ممڪنه صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنهنجون تياريون تيز ڪري رهيا آهن، جنهن سبب هوائي دفاعي نظام وڌيڪ مضبوط ڪيا پيا وڃن. انهن ملڪن فوجي تياريون به وڌائي ڇڏيون آهن ۽ اهم تنصيبات، جن ۾ تيل ۽ گيس جون سهولتون، هوائي اڏا ۽ سامونڊي پاڻي کي مٺو بڻائڻ وارا پلانٽ شامل آهن، انهن جي سيڪيورٽي به سخت ڪئي وئي آهي. بحرين دعويٰ ڪئي ته هن ايران مان ايندڙ وڏي انگ ۾ ڊرون ۽ ميزائل روڪي تباهه ڪيا، جڏهن ته علائقي جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن به اهڙيون ئي دعوائون ڪيون آهن. تنهن هوندي به ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪو به هوائي دفاعي نظام گهڻي عرصي تائين مسلسل حملن کي برداشت نٿو ڪري سگهي، تنهنڪري خدشو برقرار آهي ته جيڪڏهن جنگ وڌيڪ پکڙجي وئي ته اهم بنيادي ڍانچو سخت متاثر ٿيندو.
ڪينسر اسپتال ڀرسان حملو “وحشياڻو عمل” آهي، ايران
ايران آمريڪا تي الزام لڳايو آهي ته ملڪ جي ڏکڻ اولهه ۾ قائم هڪ ڪينسر اسپتال جي ڀرسان شديد هوائي حملن کان پوءِ مريضن کي اسپتال خالي ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ “وحشياڻو حملو” هو. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي لکيو: “هي وحشياڻو حملو صحت جي ادارن خلاف اسرائيل جي ظلمن جي ياد ڏياري ٿو ۽ اسپتال ۾ داخل ٻارن کي شديد تڪليف ۽ خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.” هن چيو ته: “ڪيموٿراپي هيٺ علاج وٺندڙ 211 مريضن کي اسپتال مان منتقل ڪيو ويو.” آمريڪا طرفان هن الزام تي فوري طور ڪو به ردعمل سامهون نه آيو. اسپتال جي ڊائريڪٽر رضا بازار موجب آمريڪي حملن سبب اهواز شهر ۾ موجود اسپتال جون خدمتون معطل ٿي ويون. فارس نيوز ايجنسي موجب هن چيو ته حملن ۾ ڪنهن جاني نقصان جي اطلاع ناهي. اسپتال جي منتظم ڊاڪٽر مجيد بوعذار الجزيره کي ٻڌايو: “211 مريضن کي حملن سبب ٻي جاءِ تي منتقل ٿيڻ تي مجبور ٿيڻو پيو.” هن چيو: “اهي عام مريض نه، پر ڪينسر سميت سنگين بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو آهن، جيڪي هتي علاج هيٺ هئا. بدقسمتي سان اسپتال جي آس پاس واري علائقي تي تمام سخت بمباري ڪئي وئي. ڪجهه مريض آڪسيجن ۽ وينٽيليٽر تي هئا.” اسپتال جي هڪ عملي ميمبر الجزيره کي ٻڌايو: “ڪجهه ماڻهو پنهنجي ٻارن کي ٻانهن ۾ کنيو بيٺا هئا، ڪجهه جي هٿن ۾ ڊرپ لڳل هئي ۽ ڪجهه ويل چيئرن تي هئا. آخرڪار سڀني کي ٻاهر نڪرڻو پيو.”
ڏکڻ لبنان ۾ ڳوٺ ڊاهڻ جون اسرائيلي ڪارروايون جاري
اسرائيلي فوج تي الزام آهي ته هو ڏکڻ لبنان ۾ منظم نموني شهري گهرن ۽ بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪري رهي آهي ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن کي زمين بوس ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب صحافي ان علائقي کان گهڻو پري نه آهن، جيڪي اسرائيل ڏکڻ لبنان ۾ پنهنجي قبضي هيٺ رکي تباهه پيو ڪري. سڀ کان ويجهو اسرائيلي مورچو هڪ ڪلوميٽر کان به گهٽ فاصلي تي آهي. رڳو چار ڪلاڪن دوران چار ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، جڏهن ته اسرائيلي فوج جي ڊاهڻ واريون ڪارروايون جاري رهيون. ڏکڻ لبنان جي حداثا واري علائقي ۾ به ڪيترائي گهر ساڙيا ويا آهن. سيٽلائيٽ تصويرون تصديق ڪن ٿيون ته ڏکڻ لبنان ۾ وڏي پيماني تي تباهي آئي آهي، جيڪا لبنان جي لڳ ڀڳ 6 سيڪڙو علائقي تي پکڙيل آهي. رپورٽن موجب اهي گهر ماڻهن جي سڄي زندگيءَ جو سرمايو هئا، جيڪي ان وقت تباهه ڪيا ويا جڏهن جنگبندي لاڳو هئي.
غزه مان 40 مريض علاج لاءِ منتقل
فلسطيني ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي چيو آهي ته هن جنگ کان تباهه ٿيل غزه مان 40 مريضن ۽ انهن سان گڏ 62 ساٿين کي علاج لاءِ غزه کان ٻاهر منتقل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. اداري پنهنجي بيان ۾ چيو: “مريضن ۽ انهن جي ساٿين کي پهرين تنظيم جي المواصي فيلڊ اسپتال ۾ تيار ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ ايمبولينسن ذريعي عالمي صحت اداري (ڊبليو ايڇ او) ۽ لاڳاپيل اختيارين جي سهڪار سان رفح بارڊر ڪراسنگ تائين منتقل ڪيو ويو.” فلسطيني ريڊ ڪريسنٽ موجب غزه جي صحت جو نظام اڃا به “تمام وڏين چئلينجن” کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اسرائيلي فوجي حملن ۽ سخت ناڪابندي سبب اسپتالون مسلسل شديد دٻاءُ ۽ انتهائي ڏکين حالتن ۾ ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن.
ايراني فوج کي خطي ۾ آمريڪي اڏن تي زميني حملو ڪري آمريڪي فوجين کي يرغمال بڻائڻ گهرجي: اڳوڻو ايراني پرڏيهي وزير
ايراني پارليامينٽ جي ميمبر ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير منوچهر متڪي چيو آهي ته ايراني فوج کي خطي ۾ موجود آمريڪي اڏن تي زميني حملو ڪري ڏيڻ گهرجي. گذريل ڏينهن ايران جي سرڪاري ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايراني فوج کي گهرجي ته آمريڪا پاران خارگ ٻيٽ (جزيري) تي حملي جي دھمڪين جي جواب ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي زميني حملو ڪري وڏي انگ ۾ آمريڪي فوجين کي يرغمال بڻائي وٺي.
آمريڪا پاران ايران جي بحري ناڪابندي تي پاسداران انقلاب جو وچ اوڀر مان سموري توانائي جي برآمدات روڪڻ جو اعلان
آمريڪا پاران ايران جي بحري ناڪابندي تي پاسداران انقلاب وچ اوڀر مان توانائي جي سمورين برآمدات کي روڪڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ايراني پاسداران انقلاب چيو آهي ته اهي آمريڪا ۽ اتحادين کي فائدو پهچائيندڙ ٻيا سڀ برآمدي رستا بند ڪري ڇڏيندا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته علائقائي توانائي جي برآمدات يا ته سڀني لاءِ هوندي يا ڪنهن لاءِ به نه هوندي. ايراني فوج جي ترجمان چيو ته هرمز جي ٻيٽ (آبنائي هرمز) تيسين تائين بند رهندي جيسين آمريڪا ايران جي قانوني حڪومتي نظام کي تسليم نٿو ڪري.
ايراني پاسداران انقلاب پاران آمريڪي ايم ڪيو 9 ڊرون ڪيرائي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ايراني پاسداران انقلاب آمريڪي ايم ڪيو 9 (MQ-9) ڊرون ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پاسداران انقلاب موجب، هنن ڏکڻ اولهه واري شهر انديمشڪ جي آسمان تي هڪ آمريڪي ايم ڪيو 9 ڊرون کي روڪي تباهه ڪري ڇڏيو. ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي تسنيم موجب، پاسداران انقلاب چيو ته هي ڊرون سندن ايروسپيس فورس جي استعمال هيٺ هڪ نئين فضائي دفاعي نظام (ايئر ڊيفينس سسٽم) ذريعي ڪيرايو ويو.
آبنائي هرمز تيسين تائين بند رهندي جيسين آمريڪا ايران جي قانوني حڪومتي نظام کي تسليم نٿو ڪري: ايراني فوج
ايراني فوج جي ترجمان برگيڊيئر جنرل اڪرمي نيا آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته هرمز جي ٻيٽ (آبنائي هرمز) تيسين تائين بند رهندي جيسين آمريڪا ايران جي قانوني حڪومتي نظام کي تسليم نٿو ڪري. ايراني ميڊيا موجب، ايراني فوج جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪا کي هن اسٽريٽجڪ آبي گذرگاهه تي ايراني قيادت جي فريم ورڪ کي قبول ڪرڻو پوندو.
ايران پاران فائر ڪيل 4 ڪروز ميزائل ۽ 21 ڊرونز تباهه ڪيا ويا: ڪويت
ڪويت جو چوڻ آهي ته اربع جي ڏينهن ايران پاران فائر ڪيل 4 ڪروز ميزائلن ۽ 21 ڊرونز کي تباهه ڪيو ويو آهي. ڪويت جي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايراني جارحيت سبب ڪيترن ئي اهم سرڪاري اڏاوتن کي نقصان پهتو آهي پر ڪو به ماڻهو زخمي ناهي ٿيو. ٻئي پاسي عراق جي شهر اربيل ۾ آمريڪي قونصل خاني ويجهو پڻ هڪ ڊرون ڪيرايو ويو آهي، جڏهن ته بحرين ۾ به خطرن جا سائرن وڄڻ جا آواز ٻڌا ويا.
ايران تي تازا حملا، آمريڪي ميزائل احواز شهر ۾ ڪينسر اسپتال ويجهو وڃي ڪريو: روسي ميڊيا
ايران تي آمريڪي ميزائل حملن جي تازي لهر دوران احواز شهر ۾ ڪينسر جي اسپتال ويجهو هڪ ميزائل وڃي ڪريو آهي. روسي ميڊيا موجب، آمريڪي ميزائل ان طبي مرڪز ويجهو ڪريو جتي ڪينسر جو شڪار ٻارن جو علاج ڪيو ويندو آهي. روسي ميڊيا جو چوڻ آهي ته حملي کانپوءِ ٻارن کي اسپتال مان ٻاهر منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ حملي جو اطلاع ملندي ئي ٻارن جا گهر وارا پڻ اسپتال ٻاهر گڏ ٿي ويا آهن.
صدر ٽرمپ ايران ۾ زميني فوج موڪلڻ تي غور شروع ڪري ڏنو: آمريڪي اخبار جي دعويٰ
واشنگٽن: آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا جي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ايران ۾ زميني فوج موڪلڻ تي غور شروع ڪري ڏنو آهي. آمريڪي اخبار هي دعويٰ آمريڪي عملدارن جي حوالي سان ڪئي آهي، جن موجب صدر ٽرمپ ان ڳالهه تي غور ڪري رهيو آهي ته زميني فوج لاهي هرمز جي ٻيٽ ويجهو ايراني ٻيٽن تي قبضو ڪيو وڃي. آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ چيو ته ايران کي جلد شڪست ڏني ويندي، ايران ملاقات چاهي ٿو، اهي معاملو طئي ڪرڻ چاهين ٿا، اسان ڏسنداسين ته انهن سان ڪو سمجهوتو ڪريون ٿا يا نه.
آمريڪي فوج ايراني بندرگاهه ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ ٽينڪر جهاز کي ميزائل هڻي ناڪاره بڻائي ڇڏيو
آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته هنن ايراني بندرگاهه ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ هڪ ٽينڪر جهاز کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو آهي. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ چيو آهي ته تجارتي جهاز آمريڪي ناڪابندي جي خلاف ورزي جي ڪوشش دوران ڪيترن ئي خبردارين کي نظرانداز ڪيو. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ موجب، آمريڪي جهاز هيلفائر (Hellfire) ميزائل فائر ڪري ان جهاز کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو.










