فيصل آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر پاڪستان بابت غير ذميوارڻو بيان ڏنوفيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله پاڪستان بابت آمريڪي صدر جي بيان تي تبصرو ڪندي چيو ته آمريڪي صدر مبهم انداز ۾ ڳالهايو ۽ ان معاملي ۾ پاڪستان جو ذڪر به نه ڪيو ويو.ننڍي چونڊ بابت ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته هن ڪنهن به جاءِ تي قانون جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، هو ڪنهن سان ملڻ يا خوش ڪرڻ لاءِ ويو ته ان کي اليڪشن مهم نه ٿو چئي سگهجي.هن چيو ته شفاف چونڊن لاءِ وفاقي اداري سميت سڀني کي اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي عمل ڪرڻ گهرجي، هن وقت تائين ٻن هنڌن تي ننڍا وڏا واقعا پيش آيا آهن. راڻا ثناءُ الله چيو ته مون کي ٻڌايو ويو آهي ته ننڍي چونڊ جو ٽرن آئوٽ 20 کان 25 سيڪڙو آهي. پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته جٽا ڪلچر کي هر قيمت تي روڪيو ويندو، 25 مئي واري پاليسي تي عمل ڪيو ويندو ته ان کي 10 سان ضرب ڪري.










