راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آمريڪي شهريت رکندڙ وجيها سواتي کي قتل ڪندڙ اڳوڻي مڙس رضوان حبيب بنگش کي ايڊيشنل سيشن جج محمد افضل مجوڪا ڇنڇر تي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جڏهن ته سندس ٻن ساٿي جوابدارن جن ۾ سندس والد حريت الله ۽ ملازم سلطان شامل آهن انهن کي 7 سال ٽيپ ڏئي ڇڏي. عدالت ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي يوسف، زاهدا ۽ راشد کي بري ڪرڻ جو حڪم به ٻڌايو. 47 سالن جي وجيها فاروق سواتي 16 آڪٽوبر 2021 تي راولپنڊي مان گم ٿي وئي هئي. سندس اڳوڻي مڙس کيس اغوا ڪري قتل ڪيو هو سندس لاش پنهنجي ملازم سلطان جي گهر لڪي مروت ۾ پوري ڇڏيو هو. حيات آباد جي رهائشي عبدالله مهدي علي نالي شخص مسنگ پرسنز سيل ۾ شڪايت درج ڪرائي هئي، جيڪو پاڻ کي عورت جو پٽ سڏائي رهيو هو. هلندڙ سال 4 جنوري تي پوليس 6 جوابدار گرفتار ڪيا هئا ۽ مک جوابدار رضوان حبيب بنگش قتل جي قبولداري ڪئي هئي.










