آمريڪي سفير سان ڊيل ڪرڻ شرمناڪ آهي: فواد

آمريڪي سفير سان ڊيل ڪرڻ شرمناڪ آهي: فواد

اسلام آباد )بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آمريڪي سفير سان ڊيل جو مطالبو ڪرڻ شرم جوڳو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته هن سپريم ڪورٽ کي حڪومت جي تبديلي جي سببن جي جاچ ڪرڻ جو چيو آهي. فواد چوڌري چيو ته عمران خان هميشه پاڪستان جي ڳالهه ڪئي، آءِ ايم ايف سان ڊيل نه ٿي رهي آهي ان ڪري مهانگائي آهي. هن چيو ته پاڪستان سريلنڪا جهڙي صورتحال کي برداشت نٿو ڪري سگهي، هن حڪومت کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪجي، هن اهو به چيو ته نيب ضابطن ۾ ترميم بدترين اين آر او آهي، هي ٻيو اين آر او آهي جيڪو شريف ۽ زرداري خاندان وٺي رهيا آهن, پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ اڄ ڪارو ڏينهن ملهائي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو