جيڪب آباد(عبدالنبي شيخ) جيڪب آباد ميونسپل کي يو ايس ايڊ پاران ڏنل 88 گاڏيون بيٺي بيٺي زنگجي ويون آهن. گاڏين مان سامان چوري ٿيڻ جون به شڪايتون مليون آهن جنهن جو چيئرمين نوٽيس وٺندي جاچ شروع ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ يو ايس ايڊ پاران جيڪب آباد شهر کي صفائي لاءِ ميونسپل کي ڏنل 18ڪروڙ جي ماليت جون 88 ننڍيون وڏيون گاڏيون، ڪچري جون پيتيون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو هو، جيڪو ميونسپل انتظاميا جي لاپرواهي سبب وقت تي استعمال نه ٿيڻ ڪري بيٺي بيٺي زنگجي ويو آهي. ميونسپل آفيس ۾ بيٺل گاڏين مان اڪثر ناڪاره ٿي ويون آهن ۽ اڪثر گاڏين تي مٽي جا تهه چڙهي ويا آهن. گاڏين مان سامان چوري ٿيڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي. ميونسپل چيئرمين آصف مغيري ٻڌايو ته صرف 2 بيٽريون چوري ٿيون آهن جن جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. چوري جا ذميدار چوڪيدار آهن. هن چيو ته گاڏين کي هلائڻ لاءِ ٽيڪنيڪل اسٽاف جي ضرورت آهي جيڪو ميونسپل وارن وٽ موجود ناهي. ان حوالي سان اعليٰ اختيارين کي لکيو آهي. ٻئي پاسي گاڏين مان سامان چوري ٿيڻ بعد ٽريڪر لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جي ايم ايس ڊي پي جي اختيارين به تصديق ڪئي آهي. هنن جو چوڻ هو ته گاڏين جي جيو فينسنگ به ڪئي ويندي ته جيئن گاڏين کي غلط استعمال ڪرڻ کان روڪيو وڃي. انهن ۾ وڌل تيل ۽ انهن جي لوڪيشن جي نگراني ڪري سگهجي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ پاسي گاڏيون مختلف سببن جي ڪري بيٺل آهن پر انهن جي تيل جي مد ۾ هر مهيني لکين روپين جا بل وصول ڪيا پيا وڃن.










