آمريڪا ۽ ايران کي چين ۽ روس پاران احتياط جو مشورو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران تي چين زور ڀريو آهي ته ڇڪتاڻ 0ڌائڻ کان احتياط ڪريو ۽ بنا ثبوط جي الزام هڻن غير ذميواراڻو عمل آهي. سعودي عرب جي ٻن تيل صاف ڪرڻ وارن ڪاخانن تي ٿيل ڊرون حملن بعد يمن جي حوثي باغين ذميواري قبول ڪئي هئي. ان جي باوجود آمريڪا ايران کي ذميوار قرار ڏيندي مٿس الزام هنيو هو. سعودي عرب جي حملي هيٺ آيل ٻن ريفائنريز ۾ 67 لک بيرل تيل صاف ڪيو ويندو آهي ۽ حملن بعد عالمي مارڪيٽ ۾ سپلاءِ گهٽجڻ ڪري عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهن ۾ اصافو ٿي ويو آهي. روس جي پرڏيهي کاتي جر تجمان چيو آهي ته سعودي عرب ۾ ٻئي خطي جي ملڪن کي مداخلت نه ڪرڻ گهرجي. هوڏانهن روسي صدر پيوٽن ايراني صدر حسن روحاني سان ترڪي ۾ ملاقات پڻ ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو