شهيد ليڊر جي خون جو بدلو ضرور وٺنداسين، اهو قوم جو مطالبو آهي، مجتبيٰ خامنائي
ٽرمپ جهاز ۾ سوار ٿيندي

شهيد ليڊر جي خون جو بدلو ضرور وٺنداسين، اهو قوم جو مطالبو آهي، مجتبيٰ خامنائي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي نيوز ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جو نئون دور ايندڙ هفتي متوقع آهي. آمريڪي ويب سائيٽ موجب، ممڪنه طور تي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اهي ڳالهيون سوئٽزرلينڊ ۾ ٿينديون. واضح رهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ثالث سرگرم ٿي ويا آهن، وسيع سفارتي ڪوششون جاري آهن ۽ 2 ڏينهن کانپوءِ حملن جو سلسلو به بيهي ويو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب، قطر، پاڪستان، مصر ۽ سعودي عرب جي اختيارين اربع جي ڏينهن آمريڪي ۽ ايراني عملدارن سان ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ٽيليفونڪ رابطا ڪيا. ثالثي جي عمل ۾ شريڪ ذريعن موجب، ڇڪتاڻ گهٽائڻ جون ڪوششون جاري آهن ته جيئن ٽيڪنيڪل ٽيمن وچ ۾ ڳالهين جي ايندڙ دور جي تاريخ مقرر ڪري سگهجي.

شهيد ليڊر جي خون جو بدلو ضرور وٺنداسين، اهو قوم جو مطالبو آهي، مجتبيٰ خامنائي

ايران جي سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي چيو آهي ته پنهنجي شهيد ڪيل اڳوڻي سپريم ليڊر ۽ والد جي خون جو بدلو وٺڻ “قوم جو مطالبو” آهي ۽ اهو “هر صورت ۾ ضرور” ورتو ويندو. اها ڳالهه سندس ٽيليگرام اڪائونٽ تي جاري ڪيل هڪ لکت واري پيغام ۾ چئي وئي آهي، جنهن جو حوالو رائٽرز ڏنو آهي. خامنه اي پنهنجي پيغام ۾ چيو، “اسان پنهنجي شهيد اڳواڻ ۽ انهن ٻنهي جنگين ۾ شهيد ٿيندڙ سڀني شهيدن جي رت جو بدلو انهن ڏوهاري ۽ ذليل قاتلن کان وٺڻ جو عهد ڪريون ٿا.” ايران جي سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي چيو ته اڳوڻي سپريم ليڊر جي زندگي ۽ قيادت امام حسينؑ جي اصولن تي قائم هئي. هن پنهنجي پيغام ۾ چيو، “ايران جو اسلامي انقلاب بنيادي طور حسيني نوعيت جو انقلاب هو، جيڪو امام حسينؑ جي نعريبازي ۽ اصولن تي تعمير ٿيو ۽ انهن جي ئي تربيت هيٺ پروان چڙهيو. ايران جو شهيد سپريم ليڊر پڻ انهن ئي اصولن جي روشني ۾ پرورش حاصل ڪئي.” ايران جي سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي جي سرڪاري ويب سائيٽ، rahbar.ir، پڻ شروع ڪئي وئي آهي، جنهن جي خبر تسنيم نيوز ايجنسي ڏني آهي.

مارڪو روبيو جي سعودي همنصب سان ڳالهه ٻولهه

سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان بن عبدالله آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران علائقي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سعودي پرڏيهي وزارت موجب، ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل رابطن ۽ مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ انتهائي اهم آهي.

اسحاق ڊار سان مالديپ ۽ سعودي عرب جي همنصبن جي خطي جي صورتحال بابت ڳالهه ٻولهه

پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان سعودي عرب ۽ مالديپ جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ايروٿيشم آدم ڌار ڌار ٽيليفون تي رابطو ڪيو، سعودي پرڏيهي وزير اڳ ۾ مارڪو روبيو سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن بعد اسحاق ڊار سان ڳالهايو، لڳي ٿو ته آمريڪا جو اهم پيغام پهچايو ويو آهي. ٻني رابطن جي تصديق پاڪستان جي پرڏيهي آفيس ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير ڊاڪٽر آدم، ايران ۽ آمريڪا جي تڪرار ۾ وچٿري جو ڪردار ادا ڪرڻ تي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ موجود ڊگهي عرصي واري دوستي ۽ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.

ايران مونکي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ته هزارين ميزائل فائر ڪري کين تباهه ڪبو، ٽرمپ

آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته آمريڪا فوري طور ايران تي هزارين ميزائل فائر ڪندو. ڇنڇر جي صبح پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم “ٽروٿ سوشل” تي آمريڪي صدر چيو ته، “جيڪڏهن ايراني حڪومت دنيا جي مختلف حصن ۾ بار بار ورجايل ان ڌمڪي تي عمل ڪندي ته هو آمريڪا جي موجوده صدر، يعني مون کي قتل ڪندي يا قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، ته اسلامي جمهوريه ايران ڏانهن اڳ ئي هڪ هزار ميزائل نشاني تي رکيا ويا آهن، ۽ انهن کان پوءِ فوري طور وڌيڪ هزارين ميزائل پڻ فائر ڪيا ويندا.” صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته اهڙي صورتحال لاءِ اڳواٽ ئي حڪم جاري ڪيا ويا آهن ۽ “آمريڪي فوج هڪ سال جي عرصي لاءِ، جنهن ۾ ضرورت پوڻ تي واڌ به ڪري سگهجي ٿي، ايران جي سمورن علائقن کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ لاءِ تيار، پُرعزم ۽ مڪمل صلاحيت رکندڙ آهي.” آمريڪي صدر جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن خميس ڏينهن آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل رپورٽ ڏني هئي ته اسرائيل آمريڪا سان نيون انٽيليجنس ڄاڻون شيئر ڪيون آهن، جن بابت سندس چوڻ آهي ته انهن مان صدر ٽرمپ کي قتل ڪرڻ جي ايراني منصوبي جا اشارا ملن ٿا. تنهن هوندي به، رپورٽ ۾ اهو واضح نه ڪيو ويو آهي ته اها ڳجهي ڄاڻ ڪڏهن يا ڪهڙي ذريعي فراهم ڪئي. بي بي سي مانيٽرنگ موجب، اسرائيلي اخبارن ۾ اهو معاملو ڪيترن ئي ڏينهن کان اهم سرخين جو حصو بڻيل آهي. گذريل ڏينهن، يعني 10 جولاءِ تي، اسرائيلي ميڊيا انهن رپورٽن کي نمايان ڪوريج ڏني، جن ۾ چيو ويو هو ته اسرائيل آمريڪا کي اهڙيون انٽيليجنس ڄاڻون فراهم ڪيون آهن، جن موجب ايران صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قتل جي رٿابندي ڪري رهيو هو. بهرحال، اسرائيل جي وچولي رجحان واري چينل 12 رپورٽ ڏني ته آمريڪي عملدار نه ته انهن ڄاڻن کي فوري خطرو سمجهي رهيا هئا ۽ نه ئي انهن جي بنياد تي ترت ڪارروائي کي ضروري قرار ڏئي رهيا هئا.

ايراني فوجون مڪمل تيار آهن، عوام جو تحفظ يقيني بڻائي رهيون آهن: اسماعيل بقائي
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي جو چوڻ آهي ته ايراني مسلح فوجون دشمن جي هر چُرپُر (نقل و حرڪت) تي نظر رکيو بيٺيون آهن. ايراني فوجون ساحلي علائقن، جزيرن، سرحدن ۽ ٻين حساس ماڳن تي مسلسل نگراني ڪري رهيون آهن. اسماعيل بقائي چيو ته ايراني فوجون مڪمل طور تي چاق چوبند آهن ۽ ايران جي سلامتي توڙي عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائي رهيون آهن. ايراني قوم پنهنجي فوج جي ثابت قدمي، قربانين ۽ وطن جي دفاع ۾ سندن خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.

ايران خلاف آمريڪي جارحيت جي حمايت تي يو اي اي جو احتساب ٿيڻ گهرجي: ايراني نائب پرڏيهي وزير
ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي مطالبو ڪيو آهي ته ايران خلاف آمريڪي جارحيت جي حمايت ڪرڻ تي گڏيل عرب امارات جو احتساب ڪيو وڃي. ڪاظم غريب آبادي آمريڪا ۽ يو اي اي (UAE) تي ڳٺ جوڙ (ملي ڀڳت) جو الزام لڳائيندي چيو ته آمريڪي واپار واري کاتي جي دستاويزن ۾ برآمدات تي ڪنٽرول جي ضابطن ۾ نرمي ڪئي وئي آهي ۽ امارات جو تجارتي درجو به وڌايو ويو آهي؛ هيءَ پاليسي تبديلي ايران خلاف عڪسري جارحيت جي حمايت جي بدلي ۾ ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف، ايران گڏيل قومن کان آمريڪا جي احتساب جو مطالبو ڪيو آهي. ايران جي مندوب امير سعيد ايرواني چيو ته گڏيل قومن کي آمريڪا جي غيرقانوني جارحيت وارا قدم روڪڻ لاءِ اثرائتا ۽ فيصلاڪن اوزار استعمال ڪرڻ گهرجن.

آمريڪا پاران ايران کان هرمز ۾ حملا بند ڪرڻ ۽ ٽول ٽيڪس وصول نه ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ جو مطالبو
آمريڪا ايران کان مطالبو ڪيو آهي ته آبنائي هرمز ۾ حملا بند ڪرڻ ۽ ٽول ٽيڪس وصول نه ڪرڻ جو اعلان عوامي سطح تي ڪيو وڃي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب، آمريڪي اختيارين ڌمڪي پڻ ڏني آهي ته جيڪڏهن ايران ائين نه ڪيو ته نتيجا سٺا نه نڪرندا. آمريڪي اختيارين چيو ته تازن ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهيون نتيجا خيز رهيون آهن، ايران پاران جوهري تنصيبات تائين رسائي نه ڏيڻ تي آمريڪا وٽ عسڪري اختيار (ملٽري آپشنز) موجود آهن. جيڪڏهن گهربل جوهري نتيجا حاصل نه ٿيا ته ايران سان ڪو به معاهدو نه ٿيندو. آمريڪي عهدييدار اهو دعويٰ پڻ ڪئي ته ايران آمريڪا کي ٻڌايو آهي ته جهازن تي تازا حملا ايراني نظام جي سختگير حصي (هارڊ لائنرز) جي ڪري ٿيا.
آمريڪا سان معاهدي تي عملدرآمد صرف ٻطرفي بنيادن تي ئي ممڪن آهي: ايراني پرڏيهي وزير
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو چوڻ آهي ته ايران هيل تائين مفاهمتي ياداشت تي عمل ڪيو آهي، جڏهن ته آمريڪي خزاني واري وزير مفاهمتي ياداشت جي شق نمبر 9 جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. عباس عراقچي چيو ته هيءَ ڀڃڪڙي آمريڪا پاران ٿيندڙ ٻين ڀڃڪڙين ۽ غلط قدمن جو تسلسل آهي، معاهدي تي عملدرآمد صرف ٻطرفي (باهمي) بنيادن تي ئي ممڪن آهي.

ايران آمريڪا کان ڳالهيون جاري رکڻ جي درخواست ناهي ڪئي: ايراني پرڏيهي وزارت
ايران جي پرڏيهي وزارت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان بيان جي ترديد ڪئي آهي ته ايران آمريڪا کان ڳالهيون جاري رکڻ جي درخواست ڪئي هئي. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان واضح ڪيو ته اسان آمريڪا کان ڳالهين جي ڪا به درخواست ناهي ڪئي، البت اسان قطري ثالثن جو دورہِ ايران قبول ڪيو هو. برطانوي خبرون ڏيندڙ ايجنسي رائيٽرز موجب، ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان خبردار ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪا مفاهمتي ياداشت جي ڪنهن به شق جي ڀڃڪڙي ڪندو ته ايران به اهڙو ئي جواب ڏيندو.

ايران جو گڏيل قومن کان آمريڪا جي احتساب جو مطالبو
گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير امير سعيد ايرواني آمريڪا تي غيرقانوني قدمن جو الزام لڳائيندي عالمي اداري کان مطالبو ڪيو آهي ته اهو واشنگٽن کي سندس عملن تي جوابده بڻائي. گڏيل قومن ۾ ايران جي مندوب امير سعيد ايرواني چيو آهي ته آمريڪا پنهنجي غيرقانوني قدم مان پيدا ٿيندڙ سمورن قانوني ۽ سياسي نتيجن جو ذميوار آهي. هن چيو ته گڏيل قومن کي آمريڪا جي غيرقانوني جارحيت وارا قدم روڪڻ لاءِ اثرائتا ۽ فيصلاڪن قدم کڻڻ گهرجن. امير سعيد ايرواني زور ڏنو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته آمريڪا پنهنجي ذميوارين جي مڪمل پاسداري ڪري.
آمريڪا سان جاري تڪرار ڪڏهن به ايران جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي ختم نه ٿيندو: محمد باقر قاليباف
ايران جي مرڪزي مذاڪرات ڪار ۽ پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته آمريڪا سان جاري تڪرار ڪڏهن به ايران جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي ختم نه ٿيندو. ايراني ميڊيا موجب، باقر قاليباف خبردار ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪا مفاهمتي ياداشت تان پٺتي هٽيو ته ايران پنهنجي دفاع لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به لمحي آمريڪا ان مفاهمت تان ڦري ٿو ته اسان مڪمل دفاع لاءِ تيار آهيون، ڄمي مقابلو ڪنداسين ۽ ايراني عوام جي حقن جو هر قيمت تي دفاع ڪنداسين. قاليباف وڌيڪ چيو ته جنگ جو خاتمو دنيا جي سڀني ملڪن جي ترجيح آهي، پر سڀني کي اها خبر هجڻ گهرجي ته هي تڪرار ڪڏهن به ايران جي آڏو آڻڻ (هٿيار ڦٽا ڪرڻ) تي ختم نه ٿيندو. محمد باقر قاليباف مسلم ملڪن تي زور ڏنو ته کين آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف متحد ٿي بيهڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو