اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پاڪستان جي ايٽمي اثاثن بابت آمريڪي صدر جو بائيڊن جي بيان تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.اسلام آباد ۾ مفتي محمود ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته آمريڪا ڪير آهي جيڪو اسان جي ايٽمي اثاثن جي ڳالهه ڪري ۽ اسان کي روڪي، اسان پاڪستان جي رياست جي دفاع لاءِ ايٽمي طاقت حاصل ڪئي آهي، ڪنهن تي جارحيت لاءِ ناهي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين مولانا فضل الرحمان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سياست اقتدار تائين پهچڻ جي چالبازين جو نالو ناهي، سياست مقدس فرض آهي.










