آمريڪا پاران ڪراچي پوليس آفيس تي حملي جي سخت مذمت

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ڪراچي پوليس آفيس (ڪي پي او) تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي.هڪ بيان ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس جو چوڻ آهي ته آمريڪا ڪراچي پوليس آفيس تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان دهشتگرد حملي ۾ پاڪستاني عوام سان گڏ بيٺو آهي، تشدد جواب ناهي ان کي روڪڻ گهرجي. نيڊ پرائس جو چوڻ آهي ته حملي ۾ مارجي ويلن جي خاندانن سان سندس تعزيت ۽ زخمين سان همدردي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو