واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻو پارٽنرشپ بحال ٿي رهيو آهي.مسعود خان چيو ته افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسي کانپوءِ ڪجهه عرصو غير يقيني واري صورتحال هئي پر هاڻي پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا ترقي ۽ توسيع جي راهه تي گامزن آهن.پاڪستاني سفير وڌيڪ چيو ته ان کان علاوه ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ به ڪوششون جاري آهن.










