واشنگٽن (ويب ڊيسڪ): آمريڪا جي سڀ کان اهم ۽ دفاعي سسٽم ’ٿاڊ‘ (THAAD) ۾ استعمال ٿيندڙ انٽرسيپٽرز (ميزائلن) جو تقريبن 80 سيڪڙو ذخيرو ختم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. آمريڪي نشرياتي ادارے (CNN) ذريعن جي حوالي سان رپورٽ ڏني آهي ته جنگ جي شروعات کان وٺي هينئر تائين آمريڪي فوج پنهنجي ’ٿاڊ‘ ميزائلن جو تقريبن 80 سيڪڙو حصو استعمال ڪري چڪي آهي، جڏهن ته ’پيٽرياٽ‘ (Patriot) ميزائلن جو به اڌ ذخيرو ختم ٿي چڪو آهي. رپورٽ موجب انٽرسيپٽرز جي کمي ۽ ايران جي ممڪنه جوابي ڪارروائيءَ جي خدشن سبب صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايراني تنصيبات تي وڏي پيماني تي حملن جو منصوبو ملتوي ڪيو. ٻئي طرف پينٽاگون ۽ وائيٽ هائوس جي عملدارن انٽرسيپٽرز ۽ هٿيارن جي ذخيري ۾ کمي جي ان خدشن کي سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو آهي. پينٽاگون جي ترجمان شان پارنيل چيو ته آمريڪي فوج دنيا جي سڀ کان طاقتور فوج آهي ۽ وٽس هر قسم جي ڪارروائيءَ لاءِ گهربل ذخيرو موجود آهي. وائيٽ هائوس جي ترجمان اينا ڪيلي به وضاحت ڪئي ته آمريڪي فوج وٽ تمام اسٽريٽجڪ اهداف حاصل ڪرڻ لاءِ هٿيار ۽ ٻيا ذخيرا ضرورت کان وڌيڪ موجود آهن.
يمني بندرگاهه ويجهو ڀارتي مالبردار جهاز تي حملو، جهاز ٻڏي ويو
يمن جي ساحلي علائقي ۽ حديده بندرگاهه ويجهو لال سمنڊ ۾ ڀارت جي مالبردار (ڪارگو) جهاز تي پراسرار حملو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ جهاز سمنڊ ۾ ٻڏي ويو. ايراني ميڊيا ۽ مقامي عملدارن موجب حديده بندرگاهه جي ڏکڻ واري علائقي ۾ ٿيل حملي کانپوءِ ڪوسٽ گارڊز ترت ڪارروائي ڪندي جهاز جي سموري عملي کي بحفاظت بچائي ورتو. جهاز تي سوار تمام 14 ئي افراد، جن ۾ 13 ڀارتي شهري ۽ 1 يمني شهري شامل هو، محفوظ طور ريسڪيو ڪيا ويا آهن. تنهن هوندي به فوري طور تي اهي تفصيل سامھون ناهن اچي سگهيا ته ڀارتي ڪارگو جهاز تي حملو ڪنهن ڪيو.
سپريم ليڊر آيت الله سيد مجتبىٰ خامنائي سان اختلافن جو تاثر غلط آهي: مسعود پزشڪيان
ايران جي صدر مسعود پزشڪيان پنهنجي استعفيٰ ۽ صدارت تان هٽڻ بابت گردش ڪندڙ خبرن کي افواهه قرار ڏيندي سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو آهي.پنهنجي انتظاميا جا 2 سال پورا ٿيڻ تي ٽي وي انٽرويو دوران صدر مسعود پزشڪيان واضح ڪيو ته هو عهدي تي برقرار رهندو ۽ پنهنجي ذميواريون ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته حکومت ۽ مسلح افواج وچ ۾ مڪمل رابطو ۽ هم آهنگي آهي. سپريم ليڊر آيت الله سيد مجتبىٰ خامنائي سان اختلافن جي خبرن بابت هن چيو ته ڪجهه عناصر غلط تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن هن ڪڏهن استعفيٰ جو فيصلو ڪيو ته هو پاڻ ان جو اعلان ڪندو، پر في الحال سندس مستعفي ٿيڻ جو ڪو به ارادو ناهي.










