واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي سپر ڪمپيوٽر فرنٽيئر دنيا جو تيز ترين ڪمپيوٽر بڻجي ويو آهي جنهن هڪ سيڪنڊ ۾ 1 ٽريلين آپريشن ڪري رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪي توانائي کاتي جي ليبارٽري ۾ نصب ڪيل ڪمپيوٽر 500 تيز ترين ڪمپيوٽرن جي لسٽ ۾ سڀ کان مٿي آهي، هي ڪمپيوٽر هلندڙ سال جي آخر ۾ محققن جي استعمال لاءِ پيش ڪيو ويندو. ان کان اڳ جاپان جو فوگاڪو ڪمپيوٽر سسٽم تيز ترين ڪمپيوٽرن ۾ نمبر ون هو ۽ هاڻي ٻئي نمبر تي آهي.










