واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته آمريڪي فوج ايران جي خلاف فضائي حملا ڪيا آهن.آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) اعلان ڪيو آهي ته ايران پاران هرمز جي پٽي (آبنائي هرمز) ۾ هڪ ڪمرشل جهاز تي حملي جي جواب ۾ آمريڪي فورسز ڪارروائي ڪندي ايران تي فضائي حملو ڪيو آهي.سينٽڪام موجب 25 جون تي ايران ڪمرشل جهاز تي ڊرون سان حملو ڪيو، جنهن کانپوءِ آمريڪي طيارن ايران جي ميزائل ۽ ڊرون اسٽوريج جي جڳهن ۽ ساحلي ريڊار سائيٽس کي نشانو بڻايو آهي.سينٽڪام واضح ڪيو ته آمريڪي فورسز هرمز جي پٽي مان گذرندڙ تجارتي جهازن لاءِ محفوظ گذرگاهه جي فراهمي ۽ رابطا ڪاري جاري رکيون پيون اچن ۽ ايران سان طئي ٿيل معاهدي جي مڪمل پابندي کي يقيني بڻائڻ لاءِ آمريڪي فوج موجود ۽ چوڪس رهندي.ايراني ميڊيا موجب ڏکڻ ايران جي ساحلي شهر سيرڪ ۾ هڪ گولو ڪريو آهي.ان کان اڳ آمريڪي صدر ٽرمپ ممڪنه ردعمل جي سوال تي صحافين کي جواب ڏنو هو ته توهان کي پاڻ کي خبر پئجي ويندي.
ايم او يو بعد، آمريڪا ۽ ايران جا هڪٻئي جي فوجي ٺڪاڻن تي حملا
ايران جي انقلابي گارڊز ڇنڇر ڏينهن چيو آهي ته هنن آمريڪي فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو آهي. اها خبر ايران جي سرڪاري ميڊيا پريس ٽي وي ڏني، جڏهن ته ايران جي پرڏيهي وزارت آمريڪا تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل معاهدي جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳايو آهي. ٻئي طرف، آمريڪي فوج اڃا تائين اهڙن حملن جي تصديق ناهي ڪئي، پر گذريل هفتي مفاهمتي يادداشت (MoU) تي صحيحون ٿيڻ کان پوءِ هي پهريون ڀيرو آهي، جڏهن ٻنهي ڌرين وچ ۾ حملن جي ڏي وٺ ٿي آهي. سي اين اين ان حوالي سان تبصرو وٺڻ لاءِ وائيٽ هائوس ۽ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (CENTCOM) سان رابطو ڪيو آهي. ان دوران بحرين، جتي آمريڪا جو هڪ اهم فوجي اڏو موجود آهي، ڇنڇر جي صبح سوير پنهنجي علائقي تي ايراني ڊرون حملن جو اطلاع ڏنو. بحرين جي پرڏيهي وزارت انهن حملن کي “بحرين جي خودمختياري جي کلي عام ڀڃڪڙي” قرار ڏيندي سخت مذمت ڪئي. البته، حملي جو اصل هدف واضح نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته تهران طرفان به هن وقت تائين ڪو به ابتدائي ردعمل سامهون نه آيو آهي. ساڳئي وقت، هرمز مان گذرندڙ هڪ آئل ٽينڪر ڇنڇر ڏينهن “اڻڄاتل پروجيڪٽائل” جي حملي جو نشانو بڻيو، جنهن جي تصديق برطانيه جي ميرٽائيم ٽريڊ آپريشنز (UKMTO) ڪئي آهي. اداري موجب، جهاز کي نقصان پهتو آهي، پر ان جا سڀئي عملي جا ميمبر محفوظ آهن ۽ ڪنهن کي به زخمي ٿيڻ جي اطلاع ناهي. يو ڪي ايم ٽي او جهازن کي صلاح ڏني آهي ته هو ان علائقي مان گذرڻ دوران انتهائي احتياط ڪن. اهي نوان واقعا هرمز جي چوڌاري جاري جوابي حملن جي تازي ڪڙي آهن، جن سبب هن مهيني جي شروعات ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل ان معاهدي بابت غيريقيني صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جنهن تحت سامونڊي واپار ۽ جهازراني کي آهستي آهستي معمول تي آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو. جوائنٽ ميرٽائيم انفارميشن سينٽر (JMIC)، جيڪو آمريڪي نيوي جي نگراني هيٺ ڪم ڪري ٿو، ڇنڇر ڏينهن هرمز ۾ خطري جي سطح وڌائي “نمايان (Substantial)” ڪري ڇڏي. اداري چيو ته اهو فيصلو واپاري جهازن تي ٿيندڙ حملن کان پوءِ ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ، عمان ويجهو هرمز مان گذرندڙ سامونڊي رستي کي به وڌيڪ ويڪرو ڪيو ويو آهي، ته جيئن ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ جهاز آسانيءَ سان هڪ ئي وقت گذري سگهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا هن اهم سامونڊي گذرگاهه تي ايران جي اثررسوخ کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ايران جا ڇنڇر وارا حملا ان کان هڪ ڏينهن پوءِ ٿيا، جڏهن جمعي تي آمريڪي فوج هرمز جي ڀرپاسي ايراني فوجي هدفن تي حملا ڪيا هئا. سينٽڪام پنهنجي بيان ۾ چيو: “آمريڪي جنگي جهازن ايران جي ميزائلن ۽ ڊرونن جي ذخيرن ۽ ساحلي راڊار مرڪزن کي نشانو بڻايو.” بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو: “ايراني فوج طرفان واپاري جهازن خلاف بنا جواز جارحيت واضح طور جنگبندي جي معاهدي جي ڀڃڪڙي هئي.” تازي ڇڪتاڻ جي شروعات خميس ڏينهن ٿي، جڏهن ايران هرمز جي ويجهو هڪ تائيوان جي واپاري جهاز تي حملو ڪيو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان حملي کي ايران سان جنگ ختم ڪرڻ واري معاهدي جي “بيوقوفاڻِي ڀڃڪڙي” قرار ڏنو. تنهن هوندي به، هڪ آمريڪي اهلڪار سي اين اين کي ٻڌايو ته آمريڪي حملن جو مطلب وڏي پيماني تي فوجي ڪاررواين جي ٻيهر شروعات ناهي، گهٽ ۾ گهٽ هن وقت تائين ته اهڙو ڪو امڪان نظر نٿو اچي. آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس، جنهن گذريل هفتي ايران سان ٿيل معاهدي جي ڳالهين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، جمعي جي شام چيو: “تشدد جو جواب تشدد سان ڏنو ويندو.”
هرمز مان آزاد سامونڊي اچ وڃ يقني بنائڻ گهرجي، شهباز شريف
پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف اڄ صبح پاڪستان نيول اڪيڊمي کي خطاب ڪندي سامونڊي رستن تي آزاد آمدرفت جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو، “علائقي جي بدلجندڙ صورتحال سڀ کان وڌيڪ اهو واضح ڪيو آهي ته عالمي معيشت ۽ بين الاقوامي سپلاءِ چينز لاءِ سامونڊي سلامتي انتهائي اهم بڻجي وئي آهي . ” هن وڌيڪ چيو، “اڄ جي دور ۾ آزاد گذر ۽ سامونڊي رستن تي بنا رڪاوٽ آمدرفت جو حق ڪا عيش عشرت واري ڳالهه نه رهيو آهي، پر سڄي دنيا لاءِ هڪ لازمي ضرورت بڻجي ويو آهي.” وزيراعظم موجب، پاڪستان نيوي اهڙي قوت آهي، جيڪا نه رڳو ملڪ جي قومي دفاع کي يقيني بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿي، پر اهم سامونڊي خطي ۾ استحڪام برقرار رکڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
آمريڪي حملي سان بندرگاهه کي ڪو به نقصان نه پهتو، ايران
ايران جي سرڪاري خابرو اداري مهر نيوز اوڀر هرمزگان جي بندرگاهن واري اداري جي سربراهه جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته آمريڪا طرفان ايران تي نون حملن کان پوءِ سيريڪ بندرگاهه کي ڪو به نقصان نه پهتو آهي. اهي حملا هڪ ڏينهن اڳ پيش آيل ان واقعي جي جواب ۾ ڪيا ويا، جنهن ۾ هڪ مال بردار ٻيڙو ايراني ڊرون جي حملي جو نشانو بڻيو هو. نيم سرڪاري خابرو اداري موجب، بندرگاهه معمول موجب ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اڳ ۾ ڌماڪن جون خبرون اچڻ باوجود ان جي سامان يا سهولتن کي ڪو به نقصان نه پهتو آهي.
غزه ۾ ٻارن خلاف اسرائيلي نسل ڪشي جو دنيا نوٽيس وٺي، ريچل
ٻارن جي حقن لاءِ سرگرم مهم هلائيندڙ ريچل اڪورسو، جيڪا پنهنجي اسٽيج نالي مس ريچل سان مشهور آهي، گڏيل قومن جي ان رپورٽ جي هڪ شريڪ مصنف سان گڏ پريس بريفنگ ڪئي، جنهن ۾ غزه ۾ فلسطيني ٻارن کي اسرائيل طرفان ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ بابت دستاويزي ثبوت پيش ڪيا ويا آهن. مس ريچل چيو، “اسين اهڙن ٻارن کي ڏسي رهيا آهيون، جيڪي بلڪل اسان جي پنهنجن ٻارن وانگر آهن ۽ نسل ڪشي مان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر ان جي باوجود نه ڪو عملي قدم کنيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪنهن کان جوابدهي ورتي وئي آهي.” رپورٽ جي شريڪ مصنف ۽ گڏيل قومن جي ڪمشنر ڪرس سيدوٽي چيو ته، “هن رپورٽ ۾ جيڪي حقيقتون درج آهن، اهي انتهائي دل ڏاريندڙ آهن.” هن وڌيڪ چيو، “رياستن تي قانوني ذميواري آهي ته هو قدم کڻن. اسان کي ساڍا ٽي سال اڳ ئي ڪارروائي شروع ڪرڻ گهرجي ها، پر اڃا به دير ناهي ٿي، هاڻي به شروعات ڪري سگهجي ٿي.”
آمريڪا ۽ ايران سفارتڪاري سان مسئلا حل ڪن، اين آءِ اَي سي
آمريڪا ۾ قائم غير منافع بخش لابنگ تنظيم نيشنل ايراني آمريڪن ڪائونسل (NIAC) هرمز واري واقعي ۽ ان جي جواب ۾ آمريڪي فوج طرفان ايران تي ڪيل حملن تي ڳڻتي ۽ مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. تنظيم سوشل ميڊيا تي لکيو، “آمريڪا ۽ ايران سفارتي عمل شروع ڪري چڪا آهن، تنهن ڪري اختلافن کي بمباري بدران سفارتي ذريعن وسيلي حل ڪرڻ گهرجي.” اين آءِ اي سي وڌيڪ چيو، “اسين سڀني ڌرين کان مطالبو ڪريون ٿا ته مفاهمتي يادداشت (MoU) تي عملدرآمد جي نگراني لاءِ ان ۾ تجويز ڪيل انتظامي نظام کي استعمال ڪيو وڃي. جيڪڏهن هن معاهدي ۾ ڏار پيو ته سڄو معاهدو ٽٽي سگهي ٿو، جنهن سان آمريڪا ۽ ايران ٻيهر جنگ جي صورتحال ڏانهن موٽي سگهن ٿا.”
تشدد جو جواب تشدد سان ڏنو ويندو: ايران تي فضائي حملي کانپوءِ آمريڪي نائب صدر جو بيان
ايران تي آمريڪا جي فضائي حملي کانپوءِ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جو بيان سامهون اچي ويو آهي. آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جو چوڻ آهي ته تشدد جو جواب تشدد سان ڏنو ويندو، جيڪڏهن ايران کي ايم او يو (MoU) تي عملدرآمد جي طريقيڪار بابت ڪو اختلاف آهي ته اهو سڌو سنئون رابطو ڪري سگهي ٿو.واضح رهي ته آمريڪا ايران تي فضائي حملا ڪيا آهن.آمريڪي سينٽڪام موجب 25 جون تي ايران ڪمرشل جهاز تي ڊرون سان حملو ڪيو، جنهن کانپوءِ آمريڪي طيارن ايران جي ميزائل ۽ ڊرون اسٽوريج جي جڳهن ۽ ساحلي ريڊار سائيٽس کي نشانو بڻايو.
آمريڪا جي نئين حماقت جو سخت ردعمل ڏنو ويندو: ايراني پاسدارانِ انقلاب پاران آمريڪي حملي جو فوري ۽ فيصلائتو جواب ڏيڻ جو اعلان
ايراني پاسدارانِ انقلاب آمريڪا پاران ايران تي فضائي حملي جو فوري ۽ فيصلائتو جواب ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ايران جي سرڪاري خبرن واري ايجنسي موجب ايراني پاسدارانِ انقلاب پنهنجي بيان ۾ چيو ته بحري ۽ فضائي دستن جزيري سرڪ تي ڪيل آمريڪي حملي کي ڪاميابيءَ سان ناڪام بڻائي ڇڏيو.ايراني پاسدارانِ انقلاب بيان ۾ چيو ته اسان ان جارحيت کي بغير جواب جي نه ڇڏينداسين، ۽ اسان جو ردعمل اسان جي طئي ٿيل وقت ۽ جڳهه تي تيز ۽ فيصلائتو هوندو.ايراني پاسدارانِ انقلاب خبردار ڪيو ته آمريڪا پاران ڪنهن به نئين حماقت جو سخت جواب ڏنو ويندو.ايراني فوجي قيادت موجب آمريڪي ڪارروايون خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ جي برابر آهن، ۽ ايران پنهنجي خودمختياري جي دفاع لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو.واضح رهي ته آمريڪا هرمز جي پٽي ۾ ڪمرشل جهاز تي حملي جي جواب ۾ ايران تي فضائي حملا ڪيا آهن.آمريڪي سينٽڪام موجب 25 جون تي ايران ڪمرشل جهاز تي ڊرون سان حملو ڪيو، جنهن کانپوءِ آمريڪي طيارن ايران جي ميزائل ۽ ڊرون اسٽوريج جي جڳهن ۽ ساحلي ريڊار سائيٽس کي نشانو بڻايو.
ايراني پاسدارانِ انقلاب پاران هرمز جي پٽي ۾ آمريڪا سان سڌي سنئون رابطي جو چينل قائم ڪرڻ جي ترديد
ايراني پاسدارانِ انقلاب هرمز جي پٽي ۾ آمريڪا سان سڌي سنئون رابطي جو چينل قائم ڪرڻ جي ترديد ڪئي آهي.برطانوي خبرن جي ايجنسي رائٽرز ايراني خبرن جي ايجنسي نور جي حوالي سان اها خبر ڏني.ان خبر موجب ايراني پاسدارانِ انقلاب جي ترجمان آمريڪا سان هرمز جي پٽي ۾ سڌي سنئون رابطي جي خبر کي مڪمل ڪوڙ قرار ڏنو.ايراني پاسدارانِ انقلاب چيو ته هرمز جي پٽي ايران جي حدود آهي ۽ ان جو آمريڪا سان ڪو به تعلق ناهي.










