تازن حملن ۾ 7 فوجين سميت 37 ايراني مارجي ويا، عراقچي دوحا پهچي ويو

تازن حملن ۾ 7 فوجين سميت 37 ايراني مارجي ويا، عراقچي دوحا پهچي ويو

 تهران /واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ايران تي وڌيڪ حملا شروع ڪري ڏنا. ​آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) اعلان ڪيو آهي ته آمريڪي فوج ايران خلاف وڌيڪ فضائي حملن جي شروعات ڪري ڏني آهي. ​سينٽڪام سوشل ميڊيا پليٽ فارم اڪس (ٽويٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اڄ آمريڪي فوجن ايران تي حملن جو هڪ اضافي مرحلو شروع ڪيو. ​بيان موجب انهن حملن جو مقصد آبنائي هرمز ۾ تجارتي بحري جهازن تي حملن لاءِ استعمال ٿيندڙ ايران جي عسڪري صلاحيت کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ آهي.​سينٽڪام وڌيڪ چيو ته هي حملا اهڙي وقت ڪيا پيا وڃن جڏهن آمريڪي فوجون ايراني بندرگاهن ۽ ساحلي علائقن خلاف بحري ناڪابندي ٻيهر لاڳو ڪرڻ جي تياري ڪري رهيون آهن. ​بيان موجب هي بحري ناڪابندي آمريڪي وقت موجب شام 4 وڳي کان لاڳو ڪئي ويندي.هوڏانهن ايراني پاسداران انقلاب فورس اعلان ڪيو آهي ته بحرين ۽ ڪويت ۾ دشمن جي هٿيارن جي ذخيرن کي نشانو بڻايو آهي. ​ايراني پاسداران انقلاب پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو آهي ته جيستائين جارح آمريڪا موجود رهندو، تيل ۽ گيس خطي مان ٻاهر نه ويندو، آمريڪا جي جارحاڻن قدمن جو هرمز کلڻ ۾ دير کان سواءِ ٻيو ڪو نتيجو ناهي. ​ايراني پاسداران انقلاب چيو آهي ته ڪويت جي علي سالم ايئر بيس ۾ ڊرون لانچنگ پيڊ کي نشانو بڻايو ويو، ڪويت ۾ حملا ايران تي آمريڪي حملن جي جواب ۾ ڪيا ويا آهن.

تازن حملن ۾ 7 فوجين سميت 37 ايراني مارجي ويا، عراقچي دوحا پهچي ويو

آمريڪا جي ايران جي مختلف شهرڻ ۾ ڪيل بمباري۾ 7 فوجين سميت 37 ايراني شهري مارجي ويا آهن. ايراني ميڊيا سرڪاري ذريعن سان ان جي تصديق ڪئي آهي. سينٽڪام موجب اڄ 90 منٽن تائين جاري رهندڙ حملن ۾ ايران جي هرمز ۾ جهازن تي حملن جي صلاحيت ڪمزور ڪئي وئي آهي. قِشم، ڪِش ۽ ابو موسيٰ جي ٻيٽن تي آمريڪا 4 ڏينهن کان حملا ڪري رهيو آهي، هي اهي علائقا آهن جتان ايران هرمز کي ڪنٽرول ڪري ٿو. اهڙن حملن بعد هڪ ڀيرو ٻيهر اهو سوال گردش ڪري رهيو آهي ته ڇا آمريڪا خارگ ٻيٽ تي قبضي جو اراردو رکي ٿو، جتان ايران جو 90 سيڪڙو خام تيل ايڪسپورٽ ٿيندو آهي.

عراقچي اڳوڻي امير جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ قطر پهچي ويو

ايران جو پرڏيهي وزير عباس عراقچي قطر جي گادي واري شهر دوحا پهچي ويو آهي، جتي هو قطر جي اڳوڻي امير جي وفات تي تعزيت ڪندو. اها ڄاڻ عراقچي جي سرڪاري ٽيليگرام پيج ۽ ايران جي سرڪاري ميڊيا ڏني آهي. دوري دوران سندس قطري عملدارن سان پڻ ملاقاتون ٿيڻ جو امڪان آهي. شيخ حمد بن خليفه آل ثاني آچر ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن کانپوءِ قطر ۾ چار ڏينهن جي سوڳ جو اعلان پڻ ڪيو ويو.

هرمز مان گذرندڙ ٻن جهازن تي وارننگ شاٽ فائر

ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب، هرمز جو لنگهه هن وقت تجارتي جهازن جي اچ وڃ لاءِ ناقابلِ استعمال بڻيل آهي. تسنيم نيوز ايجنسي جي هڪ نمائندي هرمز مان رپورٽ ڏيندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران گهٽ ۾ گهٽ ٻن واپاري جهازن کي اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (IRGC) پاران خبرداري طور فائرنگ ڪري روڪيو ويو. هرمز ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جو عمل پڻ رڪجي ويو آهي. رپورٽ موجب، جڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل 28 فيبروري تي ايران خلاف جنگ شروع ڪئي ته تهران عملي طور هرمز کي سامونڊي واپار لاءِ بند ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ تيل، ڀاڻ ۽ ٻين ڪيترين ئي شين جون قيمتون تيزي سان وڌي ويون، ۽ ايران کي ڳالهين ۾ هڪ اهم سفارتي ۽ معاشي برتري حاصل ٿي وئي.

ڪويت ۾ سيٽلائيٽ ڪميونيڪيشن سينٽر، ريڊارز ۽ ميزائيل لانچ پليٽ فارمز کي نشانو بڻايو: پاسداران انقلاب

ايران جي پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هنن آمريڪي حملن جي جواب ۾ “آپريشن نصر 2” تحت ڪويت ۾ آمريڪي فوجي هدفن کي ميزائيل ۽ ڊرون حملن سان نشانو بڻايو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته حملن دوران سيٽلائيٽ ڪميونيڪيشن سينٽر، ميزائيل ۽ فضائي دفاعي ريڊار سسٽمز، پيٽرياٽ ائير ڊيفينس ڪمپليڪس ۽ مارس ميزائيل لانچ پليٽ فارمز کي نشانو بڻايو ويو. پاسداران پنهنجي بيان ۾ چيو ته انهن تنصيبات کي تباهه ۽ مڪمل طور تي ناڪاره بڻايو ويو آهي.  

ايراني فوج پاران اردن جي الازرق ائير بيس تي ڊرون حملي جي وڊيو جاري

ايراني فوج اردن جي الازرق ائير بيس تي ڊرون حملي جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي آهي. ايراني فوج پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڊرون حملي ۾ اردن جي الازرق ائير بيس تي مقرر آمريڪي F-18 جنگي جهازن جي هينگرز کي نشانو بڻايو ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اها ڪارروائي دشمن جي ٻيهر جارحيت جي ردعمل ۾ ڪئي وئي آهي ۽ مذڪوره اڏي کي ٻيو ڀيرو نشانو بڻايو ويو آهي.  

اردن جو ايران کان ايندڙ 3 بيلسٽڪ ميزائيل تباهه ڪرڻ جي دعويٰ

اردن جي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هن ايران پاران فائر ڪيل ٽي بيلسٽڪ ميزائيل ڪيرايا آهن. اردني فوج پنهنجي بيان ۾ چيو ته فضائي دفاعي نظام اربع ڏينهن صبح جو سويل ايراني حدن مان ايندڙ 3 بيلسٽڪ ميزائيلن کي ان وقت نشانو بڻائي تباهه ڪيو جڏهن اهي اردني فضائي حدن ۾ داخل ٿيا. فوج موجب ان واقعي ۾ ڪنهن به قسم جو جاني يا مالي نقصان نه ٿيو آهي.  

آمريڪي جارحيت ختم ٿيڻ تائين هرمز جي ٻيٽڙي (آبناءِ هرمز) بند رهندي: پاسدارانِ انقلاب

ايران جي پاسداران انقلاب اعلان ڪيو آهي ته هرمز جي ٻيٽڙي (آبناءِ هرمز) ان وقت تائين بند رهندي جيسين آمريڪا پنهنجيون جارحاڻيون ڪارروايون ختم نٿو ڪري. غير ملڪي خبرون ڏيندڙ اداري موجب، پاسداران انقلاب اربع تي جاري ڪيل بيان ۾ خبردار ڪيو ته خطي ۾ تيل ۽ گئس جا ٻيا برآمدي لنگهه به نشانو بڻجي سگهن ٿا، پر بيان ۾ اها وضاحت ناهي ڪئي وئي ته ڪهڙن ٻين رستن کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو. بيان ۾ چيو ويو ته دشمن کي خبر هجڻ گهرجي ته جڏهن سندس بحري قزاقن عالمي منڊين لاءِ تيل ۽ گئس جي فراهمي جو هڪ رستو بند ڪيو آهي ته کيس ٻين برآمدي رستن جي بند ٿيڻ جي به اميد رکڻ گهرجي. پاسداران انقلاب واضح ڪيو ته خطي ۾ تيل ۽ گئس جي برآمد جو رستو يا ته سڀني لاءِ هوندو يا ڪنهن لاءِ به نه. 

ايران تي تازن حملن ۾ ميزائيل ۽ ڊرون تنصيبات سميت درجنين هدفن کي نشانو بڻايو ويو: آمريڪي فوج

آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) اعلان ڪيو آهي ته هن ايران جي خلاف حملن جي هڪ ٻي لهر مڪمل ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ هرمز جي ٻيٽڙي جي ويجهو ۽ ايراني ساحلي علائقن ۾ درجنين فوجي هدفن کي نشانو بڻايو ويو. بيان موجب، آمريڪي جنگي جهازن، ڊرونز ۽ بحري جهازن 7 ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ڪارروائي ۾ ايراني ميزائيل ۽ ڊرون تنصيبات، بحري صلاحيتن ۽ ساحلي دفاعي انتظامن کي درست نشانو بڻايو. 

ايراني پاسداران انقلاب جو بحرين ۾ آمريڪي ففتھ فليٽ بيس تي حملو

ايراني پاسداران انقلاب بحرين ۾ آمريڪي ففتھ فليٽ بيس تي حملو ڪيو آهي. ايراني پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هن اڄ صبح بحرين ۾ آمريڪي بحريه جي ففتھ فليٽ بيس تي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر، بحري مدد جي انتظامي مرڪز، گودامن ۽ تيل جي ٽانڪين کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.  

ايراني پاسداران انقلاب پاران ڪويت ۾ آمريڪي لاجسٽڪ سينٽر کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ

ايراني پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هن ڪويت جي علائقي مينا عبدالله ۾ قائم آمريڪي فوج جي مرڪزي لاجسٽڪ ۽ سپورٽ سينٽر کي نشانو بڻايو آهي. ايراني سرڪاري ٽيليويزن چينل IRIB موجب، پاسداران انقلاب پنهنجي بيان ۾ چيو ته “آپريشن نصر 2” جي چوٿين لهر دوران ان تنصيب کي باهه ڏئي تباهه ڪيو ويو آهي. ڪويتي اختيارين جو چوڻ آهي ته ايران پاران نشانو بڻايل هڪ تنصيب ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي.  

آمريڪا ايران سان لاڳاپيل نيون پابنديون ۽ هڪ جنرل لائسنس جاري ڪري ڇڏيو

آمريڪي مالي وزارت (محڪمه خزانه) موجب، پابندين جو نشانو گهڻا ئي فرد، ادارا ۽ بحري جهاز آهن. مالي وزارت موجب، انهن پابندين سان گڏ هڪ جنرل لائسنس به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ڪجهه سرگرمين جي محدود اجازت ڏني وئي آهي. جاري ڪيل جنرل لائسنس تحت پابندين کان متاثر ٿيل سرگرمين کي مرحليوار ختم ڪرڻ، محدود قسم جي حفاظتي ۽ ماحولياتي ڏي وٺ ڪرڻ، ۽ 14 جولاءِ تي پابندين جي فهرست ۾ شامل ڪيل مخصوص ماڻهن يا بحري جهازن سان لاڳاپيل سامان لاهڻ (ڪارگو آف لوڊ ڪرڻ) جي اجازت ڏني وئي آهي.  

ايران تي حملا تڏهن تائين جاري رهندا جيسين مان نه چوان ته بس هاڻي گهڻو ٿي ويو: ٽرمپ

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي نئين ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن معاهدو نه ڪيو ويو ته ايندڙ هفتي ايران جي بجلي گهرن (پاور هائوسز) ۽ پُلن کي نشانو بڻائينداسين. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ چيو ته ايران تي حملا ان وقت تائين جاري رهندا جيسين مان نه چوان ته بس هاڻي گهڻو ٿي ويو. ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪا اڱاري تي ايران سان ڳالهيون ڪيون آهن ۽ ايران تي معاهدو ڪرڻ لاءِ زور ڀريو آهي، ايران ۾ توانائي جي هدفن کي آخري مرحلي ۾ ڏٺو ويندو. هن ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ڪو معاهدو نه ٿيو ۽ اهي ڳالهين لاءِ تيار نه ٿيا ته ايندڙ هفتي ايران جي بجلي گهرن ۽ پُلن کي نشانو بڻائينداسين. اسان ايران جا سمورا بجلي گهر ۽ سموريون پُلون تباهه ڪري ڇڏينداسين، ايران کي سخت نقصان پهچائي رهيا آهيون. ايران ۾ اڃا ڪجهه جنگ وڙهڻ جي صلاحيت باقي آهي، پر اها گهڻي ناهي.  

ايران جو اردن جي الازرق ائير بيس تي حملو، آمريڪي تنصيبات کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ

ايراني فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هن اردن جي شهر الازرق ۾ واقع موافق السلطي (Muwaffaq Salti) ائير بيس تي موجود آمريڪي تنصيبات کي ڊرون حملن ۾ نشانو بڻايو آهي. فوج پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي ڪارروايون جاري رهنديون ۽ ايراني سرزمين تي ٿيندڙ ڪنهن به حملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. ايراني فوج وڌيڪ چيو ته ملڪ خلاف ڪنهن به جارحيت جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکون ٿا ۽ ان سلسلي ۾ اسان جون ڪارروايون لڳاتار جاري رهنديون. ​

آبنائي هرمز ۾ تجارتي جهازن تي حملن ۾ 2 ڄڻا فوت ٿيا، انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن

انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (IMO) موجب آبنائي هرمز ۾ اڱاري تي تجارتي بحري جهازن تي ٿيندڙ حملن ۾ فوتگين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو آهي. ​آءِ ايم او پنهنجي بيان ۾ چيو ته کين آبنائي هرمز ۽ ان جي آس پاس ۾ گذريل رات کان تجارتي جهازن تي ٿيندڙ تازن حملن تي سخت ڳڻتي آهي، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 بحري ڪارڪن فوت جڏهن ته ڪيترائي ٻيا زخمي ٿيا آهن. ​هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ايران تي عمان جي سامونڊي حدن ۾ 2 تجارتي جهازن کي نشانو بڻائڻ جو الزام لڳايو پيو وڃي. ​واضح رهي ته گڏيل عرب امارات جي دفاع واري وزارت چيو هو ته آبنائي هرمز ۾ 2 اماراتي آئل ٽانڪرز کي ايراني ڪروز ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو. ​اماراتي دفاع واري وزارت موجب حملي جي نتيجي ۾ هڪ جهاز جي عملي جو هڪ ڀارتي ميمبر فوت ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ​ڀارت جي شهر نئين دهلي ۾ هڪ ڀارتي بحري عملي جي ميمبر جي فوتگيءَ تي حڪومت احتجاج ڪندي هڪ ايراني سفارتڪار کي طلب ڪري ورتو آهي. ​

​ ايران جي بندرگاهن ۽ ساحلي علائقن ڏانهن ويندڙ ۽ ايندڙ جهازن جي ناڪابندي ٻيهر شروع

آمريڪي فوج اعلان ڪيو آهي ته ايران جي بندرگاهن ۽ ساحلي علائقن ڏانهن ويندڙ ۽ ايندڙ جهازن جي ناڪابندي ٻيهر شروع ڪري ڏني آهي. ​آمريڪي فوج موجب وچ اوڀر ۾ 20 کان وڌيڪ نيول جنگي جهاز ۽ سوين ايئرڪرافٽ آپريٽ ڪري رهيا آهن.

ڪويت جي نيول جهاز تي ايراني حملي ۾ 4 اهلڪار زخمي ٿيا، ڪويتي فوج پاران تصديق

ڪويتي فوج تصديق ڪئي آهي ته ڪويت جي نيول جهاز تي ايران جي حملي ۾ 4 اهلڪار زخمي ٿيا آهن. ​ڪويتي فوج پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڱاري ڏينهن ڪويت جي هڪ نيول جهاز کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ 4 اهلڪار زخمي ٿيا، چئني اهلڪارن کي طبي امداد ڏني وئي، حالت مستحڪم آهي. ​ڪويتي فوج موجب مسلح فوجن اڱاري جي ڏينهن  بيلسٽڪ، 4 ڪروز ميزائل ۽ 33 ڊرونز کي روڪيو، حملا ڪيترن ئي اهم ۽ شهري تنصيبات کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪيا ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو