واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)لانزا جيٽ (LanzaJet)، جيڪا آمريڪا ۾ قائم هڪ ٻارڻ تيار ڪندڙ ڪمپني آهي، اعلان ڪيو آهي ته هن Soperton، جارجيا ۾ پنهنجي Freedom Pines Fuels نالي فيڪٽري ۾ ايٿانول مان تيار ڪيل جيٽ فيول جي ڪامياب پيداوار شروع ڪئي آهي. هي اعزاز دنيا جي پهرين ڪمرشل سطح تي ايٿانول مان جيٽ فيول جي پيداوار جو آهي، جيڪو مڪمل طور تي غير پيٽروليم هجي پر موجوده جهازن سان مڪمل مطابقت رکي ٿو. هي ڪاميابي 15 سالن جي تحقيق، تياري ۽ آزمائشن جو نتيجو آهي ۽ LanzaJet جي Alcohol-to-Jet (ATJ) نالي مخصوص ٽيڪنالاجي جي تصديق ڪري ٿي. ATJ ٽيڪنالاجي ڪيترن ئي پائيدار خام مال کي استعمال ڪري سگهي ٿي، جهڙوڪ زرعي بچيل مواد، انرجي فصلون، شهري فضلو، ۽ پڪڙيل ڪاربان شامل آهن. هي ترقي جدت پسندن، آبادگارن، ٻارڻ ٺاهيندڙن ۽ هوابازي واري شعبي لاءِ وڏي اميد بڻجي وئي آهي. لانزا جيٽ چيو: “هي ڪاميابي 15 سالن جي تحقيق، تعاون، سيڙپڪاري ۽ ترقي جو نتيجو آهي، ۽ اها هوابازي واري صنعت لاءِ هڪ اهم پيش رفت آهي، جيڪا ثابت ڪري ٿي ته ايٿانول کي ڪمرشل سطح تي جيٽ فيول ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.”
ايٿانول جي حل جي اهميت
هوابازي واري صنعت کي هڪ وڏو مسئلو درپيش آهي: هينئر تائين SAF (Sustainable Aviation Fuel) ڊگهي رستن وارن جهازن کي ڪاربان کان پاڪ ڪرڻ جو واحد قابلِ عمل حل آهي. پر موجوده بنيادي طريقو HEFA، يعني استعمال ٿيل کاڄرو تيل وغيره مان ٻارڻ ٺاهڻ، محدود سپلائي سبب مسئلن جو شڪار آهي. ان ڪري هڪ نئين، وڏي پيماني تي قابل توسيع ٽيڪنالاجي جي ضرورت هئي۽ LanzaJet جي ATJ ٽيڪنالاجي اهو خال پوري ڪري ڇڏيو آهي. ايٿانول کي Synthetic Paraffinic Kerosene (SPK) ۾ تبديل ڪرڻ ٽن ڪيميڪل مرحلن سان ٿيندو آهي: Dehydration ايٿانول کي اٿيلين ۾ بدلائڻ، Oligomerization ڊگهي هائيڊروڪاربان زخيرن جي تياري، Hydrogenation/Hydrotreating انهن کي گاسليٽ يعني kerosene جي درجي ۾ صاف بڻائڻ جا طريقا شامل آهن. لانزا جيٽ جي سي اي او جمي سامارزس چيو: “هي نه رڳو LanzaJet ۽ اسان جي سيڙپڪارن لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي، پر عالمي هوابازي لاءِ به وڏي ڪاميابي آهي، شايد مستقبل لاءِ اميد جو هڪ مينار.” ATJ ٽيڪنالاجي کي ڏهاڪي جي سڀ کان وڌيڪ اميدافزا ۽ ڪمرشل طور تي تيار حلن مان هڪ قرار ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻته اهو وڏي تعداد ۾ موجود ايٿانول کي ڪارائتو بڻائي سگهي ٿي. هي ٽيڪنالاجي ملڪن کي اجازت ڏئي ٿي ته هو: توانائي جي سلامتي وڌائين، اندروني ٻارڻ سپلاءِ چين کي ڪنٽرول ڪن ۽ زرعي شعبي کي مضبوط ڪن.
بهتر معيار جو ٻارڻ
Freedom Pines Fuels هڪ First-of-a-Kind (FOAK) پلانٽ آهي، جنهن تي 300 ملين ڊالر کان وڌيڪ سيڙپڪاري ٿي آهي. ان ۾ عالمي سطح جون FOAK ٽيڪنالاجيون شامل آهن، جهڙوڪ: Technip Energies جو Hummingbird (Ethanol-to-Ethylene)، DOE ۽ LanzaTech جو گڏيل Oligomerization System شامل آهن. پلانٽ مختلف پائيدار خام مال استعمال ڪري ٿو، جنهن جي ڪري روايتي جيٽ فيول جي مقابلي ۾ گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ به وڏي گهٽتائي اچي ٿي. تيار ڪيل ٻارڻ Jet A-1 سان ملايو ويندو آهي، جنهن کان پوءِ اهو مڪمل طور تي موجوده جهازن ۽ هنڌن سان مطابقت رکي ٿو. ڪمپني موجب: “اسان جو SAF روايتي Jet A جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ توانائي رکي ٿو، جنهن سبب اهو وڌيڪ اعليٰ معيار جو ٻارڻ آهي.” هي پلانٽ ڳوٺاڻن علائقن جي معيشت لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. سوين ماڻهو تعميراتي ملازمتن ۾ لڳايا ويا، هاڻي پڻ 65 کان وڌيڪ سڌيون ۽ اڻ سڌيون نوڪريون جاري آهن. LanzaJet هاڻي پنهنجي ٽيڪنالاجي کي عالمي سطح تي پکيڙڻ ۾ مصروف آهي، جنهن ۾ آمريڪا، آسٽريليا، جاپان، هندستان، برطانيا، ڪولمبيا، يورپي يونين، وچ اوڀر ۽ قازقستان شامل آهن. هوابازي کي 2050 تائين نيٽ زيرو تائين پهچائڻ هڪ وڏو چيلينج آهي. LanzaJet جي ڪاميابي ثابت ڪري ٿي ته ان تبديلي لاءِ ضروري ٽيڪنالاجي اڳ ئي موجود آهي.










