ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪولز فيڊريشن گرمين جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو.آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪولز فيڊريشن جي صدر ڪاشف مرزا موجب سڄي ملڪ ۾ پرائيويٽ اسڪول 15 جون کان 14 آگسٽ تائين بند رهندا.هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ گرمين جون موڪلون پهرين جون کان 31 جولاءِ تائين هونديون، گرمين جي موڪلن کانپوءِ شيڊيول موجب ڪلاسون جاري رهنديون.واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ حڪومت اسڪولن ۾ گرمين جي موڪلن جو اعلان ڪيو هو.سنڌ جي تعليم کاتي موجب ٻن مهينن جون موڪلون پهرين جون کان 31 جولاءِ تائين هونديون.










