آل رائونڊر فهيم اشرف قومي ٽيم ۾ واپسي لاءِ پراميد

آل رائونڊر فهيم اشرف قومي ٽيم ۾ واپسي لاءِ پراميد

لاهور(ويب ڊيسڪ)آل رائونڊر فهيم اشرف جو چوڻ آهي ته هن وقت قومي ٽيم ۾ واپسي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهيان ۽ اميد آهي ته انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ خلاف اهم ٽيسٽ سيريز ۾ قومي ٽيم جو حصو بڻجندو.فهيم اشرف چيو ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ بهتر ٿي رهي آهي، مون مجموعي طور تي ٽي سينچريون اسڪور ڪيون آهن، مون هميشه ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هاڻ جڏهن قومي ٽيم سان گڏ ناهيان ته هاڻي سڄو ڌيان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تي آهي. ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ سان فٽنيس ۽ صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ جو موقعو ملي ٿو.فهيم اشرف اعتراف ڪيو ته جڏهن توهان ٽيم مان ٻاهر هوندا آهيو ته واپسي ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي، ان سان گڏ جيڪڏهن توهان مڪمل ڊوميسٽڪ سيزن کيڏيو آهي ۽ ٽيم سٺي ڪم ڪري رهي آهي ته مستقبل ۾ توهان کي فائدو ٿيندو، فٽنيس بهتر ٿيندي ۽ خود اعتمادي ۾ اضافو ٿيندو.قومي ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته ايندڙ هفتي پاڪستان ۾ پنج ٽيسٽ ميچون کيڏيون وينديون، انگلينڊ جي ٽيم تازو ئي پاڪستان آئي هئي ۽ هاڻ نيوزيلينڊ ٽيسٽ لاءِ اچي رهي آهي، ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو سبب اهو آهي ته انگلينڊ خلاف ٽيسٽ ۽ نيو زيلينڊ نيوزيلينڊ جي ٽيم اهم آهي، مان ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جي خواهشمند آهيان ۽ ان لاءِ هن وقت منهنجو مقصد ٻيهر پاڪستاني ٽيم جو حصو بڻجڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو