آفيسرن کي گاڏيون ڏينداسين، سينيٽ ڪميٽي جي اعتراض جو جواب ڏئي ڇڏيو

آفيسرن کي گاڏيون ڏينداسين، سينيٽ ڪميٽي جي اعتراض جو جواب ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال آفيسرن لاءِ گاڏين جي خريداري تي ٿيندڙ اعتراض تي اهم بيان ڏئي ڇڏيو آهي. راشد محمود لنگڙيال چيو آهي ته نوجوان آفيسرن لاءِ ڪارون خريد ڪيون وينديون، آپريشنز لاءِ گاڏين جي ضرورت آهي، سيلز ٽيڪس چيڪنگ لاءِ آفيسرن جو وزٽ ضروري هوندو آهي، ڪميٽي جي اعتراض جو احترام سان جواب ڏئي ڇڏيو آهي.هن چيو ته ٽيڪس حدف پورا ڪنداسين، جوتشي جو ڪم شروع ناهي ڪيو، سيمنٽ جي قيمت جي معاملي تي مسابقي ڪميشن کي ڪم ڪرڻ گهرجي.ڪراچي ۾ سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس ڪليڪشن جي حوالي سان ايف بي آر چيئرمين وضاحت پيش ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ وڏين ڪمپنين جا هيڊ ڪوارٽرز آهن، ملٽي نيشنل ڪمپنين جا به هيڊ ڪوارٽرز آهن، ٽيڪس ڪليڪشن جو عمل اتان کان رڪارڊ ۾ ايندو آهي.ڪراچي مان وڌيڪ ٽيڪس اچي پر رقم نه لڳڻ بابت سوال تي راشد محمود لنگڙيال چيو ته اهو معاملو مالي فيڊرل ازم ۽ آئين ۾ طئي ٿيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو