لاهور: (ويب ڊيسڪ) عوام لاءِ خوشخبري سامهون اچي وئي آهي ته هاڻ آفيسرن جي مفت بجلي يونٽس جي سهولت ختم ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ انهن کي به عام شهرين جيان بجلي جا بل ملندا.نجي چينل جي رپورٽ موجب لاهور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني(ليسڪو) جي گريڊ 18 کان 20 تائين جي آفيسرن جي مفت بجلي يونٽس جي سهولت ختم ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ هاڻ انهن کي به عام شهرين جيان بجلي جا بل ملڻ شروع ٿي ويا آهن.30 سالن ۾ پهريون ڀيرو آفيسرن جي اڌ پگهار بجلي بلن جي حوالي ٿي وئي آهي. ليسڪو ذريعن ٻڌايو ته گريڊ 18 جي آفيسرن کي ساليانو 6 هزار جڏهن ته گريڊ 19 جي آفيسرن کي 8 هزار بجلي يونٽس ملندا هئا، انهي کان علاوه گريڊ 20 جي آفيسرن کي ساليانو 10 هزار مفت يونٽس جي سهوليت حاصل هئي.ذريعن ٻڌايو ته اهو فيصلو ٻين ڊسڪوز جي گريڊ 19 کان 20 تائين جي آفيسرن لاءِ به ڪيو ويو هو، پر ٻين ڊسڪوز عدالتن کان حڪم امتناع وٺي مفت بجلي بحال ڪرائي ڇڏي.ليسڪو آفيسرن جو چوڻ آهي ته ٻين ڪمپنين جي مفت بجلي سهولت بحالي غيرقانوني آهي، پگهارن ۾ سموريون مراعتون شامل ٿينديون آهن. مفت بجلي جي سهوليت ملڪ جي سمورن ادارن مان ختم ڪئي وڃي. انهي حوالي سان توانائي واري وزارت سمورين ڪمپنين جي لاءِ هڪ جهڙي پاليسي جو اعلان ڪري.










