اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريڊي جي باني پي ٽي آءِ سان ملاقات واري درخواست ٻڌندڙ سنگل بينچ ٽٽي وئي ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس خادم حسين سومرو فائل چيف جسٽس ڏانهن موڪلي ڇڏي، مناسب حڪم لاءِ فائل چيف جسٽس ڏانهن موڪلي رهيا آهيون، اڄوڪي ٻڌڻي جو حڪمنامو جاري ڪيو ويو.حڪمنامي موجب، هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار رپورٽ جمع ڪرائي آهي، رجسٽرار جي رپورٽ موجب اهڙي ئي قسم جا ٻيا به ڪيس لارجر بينچ ۾ ٻڌڻي هيٺ (زيرِ التوا) آهن.ياد رهي ته بجيٽ مشاورت لاءِ سهيل آفريڊي ۽ مزمل اسلم باني سان ملاقات جي درخواست دائر ڪري رکي هئي.










