آغا خان يونيورسٽي حڪومت جي اهم ڀائيوار آهي:مراد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آغا خان يونيورسٽي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ حڪومت جو قابل اعتماد پارٽنر رهيو آهي پر گذريل ڪجهه سالن ۾ اها ڀائيواري وڌيڪ پائيدار ٿي آهي، جڏهن ڪورونا وبا جو پهريون ڪيس سامهون آيو ته ڪيترائي ان بابت سوال اٿاريا ويا، جن جا جواب ڳولڻ ۾ آغا خان يونيورسٽي جي ماهرن اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آغا خان يونيورسٽي جي 40هين يوم تاسيس ۽ 2022ع جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پروگرام ۾ شهزادي زهرا آغا خان، چيئرمين ذاڪر محمود ۽ بورڊ آف ٽرسٽيز جي ميمبرن صدر سليمان شهاب الدين، گريجوئيٽ شاگردن ۽ سندن گهرڀاتين شرڪت ڪئي. مراد علي شاهه چيو ته آغا خان يونيورسٽي سندس حڪومت جي قابل اعتماد ۽ اهم ڀائيوار رهي آهي. پاڪستان ۾ جڏهن ڪورونا وبا جو پهريون ڪيس سامهون آيو ته ان حوالي سان ڪيترائي سوال سامهون آيا، جن جا جواب ڳولڻ ۾ آغا خان يونيورسٽي جي ماهرن اهم ڪردار ادا ڪيو. آغا خان يونيورسٽي جي ماهرن ان ڏکئي وقت ۾ هر وقت حڪومت سان سهڪار ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته جيئن ئي ڪورونا ڪيسن جو انگ وڌندو ويو ۽ اها ڳالهه سامهون آئي ته اسان کي پنهنجي ڊاڪٽرن ۽ نرسن کي ڪورونا جي مريضن جي سار سنڀال لاءِ اضافي تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي، اسان آغا خان يونيورسٽي سان رابطو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته آغا خان يونيورسٽي وڏي جوش ۽ جذبي سان سرڪاري شعبي جي صحت جي ماهرن کي تربيت ڏني آهي ۽ هڪ هاٽ لائن قائم ڪئي آهي ته جيئن سرڪاري اسپتالن ۾ آءِ سي يو ڊاڪٽر 24 ڪلاڪ انهن کان ڪرونا جي مريضن جي سار سنڀال جي حوالي سان صلاح مشورا حاصل ڪري سگهن. هن اهو به ٻڌايو ته وبا دوران سندس حڪومت وائرس جي پکيڙ ۽ ان جي مختلف قسمن جي حوالي سان آغا خان يونيورسٽي جي ڊيٽا تي انحصار ڪيو، مراد علي شاهه تازو آيل ٻوڏ بابت ڳالهائيندي چيو ته اهڙي ٻوڏ پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به نه آئي آهي. جنهن هر طرف تباهي مچائي ڇڏي. هن چيو ته آغا خان يونيورسٽي هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومتي ۽ نجي شعبي جي مختلف ادارن جي سهڪار سان ان چئلينج کي منهن ڏئي رهي آهي. سنڌ ۽ ٻين صوبن ۾ متاثر ماڻهن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيمپ قائم ڪيا. هن وڌيڪ چيو ته آغا خان يونيورسٽي پڻ لکين ماڻهن جي خدمت ڪري رهي آهي، وڏي وزير آغا خان يونيورسٽي جي ميمبرن جو شڪريو ادا ڪيو جيڪي ضرورت جي وقت ۾ پنهنجن ساٿين جي مدد لاءِ اڳيان آيا ۽ رضاڪارن/ڊونرز جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون پيش ڪندا رهيا. هن وڌيڪ چيو ته سندن تعليم جو مثبت پاسو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هتي جي پڙهيل لکيل شاگردن ٻوڏ واري صورتحال ۾ به وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. مراد علي شاهه چيو ته هو وڌيڪ مثال پيش ڪري سگهي ٿو ته ڪيئن آغا خان يونيورسٽي عوامي شعبي سان ڀائيواري ۾ صحت ۽ تعليم جي اهم مسئلن کي حل ڪيو آهي- ڪراچي جي انتهائي پسمانده علائقن ۾ ويڪسينيشن تائين پهچ وڌائڻ کان وٺي ڳوٺاڻن تائين آغا خان يونيورسٽي جي تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته آغا خان يونيورسٽي سماج جي ڪنهن خاص طبقي جي خدمت نه ڪري رهي آهي پر سنڌ ۽ پاڪستان جي مجموعي مفاد لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سندس خاندان ۾ آغا خان يونيورسٽي گريجوئيٽ موجود آهي. هن چيو ته سندس ڀائٽي 2017ع ۾ هتان ميڊيڪل جي ڊگري مڪمل ڪئي ۽ مان ڄاڻان ٿو ته هتان جي گريجوئيٽ ڪهڙي قسم جي تعليم حاصل ڪئي آهي، مون کي انهن جي صلاحيتن جي ڄاڻ آهي ۽ مون کي خبر آهي ته انهن جو مستقبل واقعي روشن آهي. هن چيو ته آغا خان يونيورسٽي جون پاڪستان سميت افغانستان، ڪينيا، تنزانيا، يوگنڊا ۽ برطانيه ۾ ڪيمپس ۽ اسپتالون پڻ آهن. وڏي وزير چيو ته هتان گريجوئيشن ڪندڙ شاگرد خوش قسمت آهن جن پاڻ کي آغا خان يونيورسٽي سان وابسته ڪيو آهي. آغا خان يونيورسٽي جي ڪاميابي انهن برادرين ۽ ملڪن لاءِ فخر جو باعث آهي جن جي اها خدمت ڪري ٿي. وڏي وزير چيو ته اڄوڪو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته جيئن هز هائينس آغا خان چيو آهي ته يونيورسٽي جتي قائم ٿي اتي سماج جي ڀلائي سان جڙيل آهي، مراد علي شاهه چيو آهي ته جيئن آغا خان يونيورسٽي ترقي ڪري رهي آهي ته ان کي پاڪستاني عوام ۽ سمنڊ پار ميزبان ملڪن جو مڪمل سهڪار حاصل آهي. هن وڌيڪ چيو ته آغا خان يونيورسٽي جي ڪاميابي اسان جي ڪاميابي آهي. وڏي وزير چيو ته هو سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام کي صحت ۽ تعليم جي بهترين سهولتن جي فراهمي لاءِ آغا خان يونيورسٽي سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته نوان گريجوئيٽ شاگرد آغا خان يونيورسٽي جي تعليم جي پختگي ۽ غير معمولي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندا رهندا. وڏي وزير انهن سمورن گريجوئيٽس کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني ۽ شاگردن کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته شاگردن جي ڪاميابي سندن روشن مستقبل لاءِ هڪ اهم قدم آهي. ان کان پهرين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهزادي زهرا آغا خان سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻس خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو