نواب شاھ (اي ڪي ڏاهري) آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي رھائي ڪميٽي شھيد بينظيرآباد جي صدر پيارو خان رند ۽ جنرل سيڪريٽري امان الله زرداري ، نظير احمد بروھي ، حبدار علي زرداري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامھون علامتي بک ھڙتالي ڪيمپ جاري رکي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر ڪنهن جرم جا نه پر ضمير جا قيدي آهن جن کي صرف سياسي بنيادن تي پابند سلاسل ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته سليڪٽيڊ کي شايد خبر ئي ناهي پ پ پ اڳواڻن ۽ ورڪرن جو جيل ٻيو گهر آهي اسان جا اڳواڻ ۽ جيالا جيلن کان واقف آهن ان ڪري سليڪٽيڊ ٻڌي ڇڏين ته مرد حر آصف علي زرداري سندن اڳيان نه جهڪندو نه اين آر او وٺندو ۽ نه ئي ڪا سهولت وٺندو. جنهن شخص کي ڊڪٽيٽر 11 سالن جي ڪوششن ۾ نه جهڪائي سگهيا انهي کي هي سليڪٽيڊ ڇا جهڪائيندا. اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي جيسيتائين آزاد نه ڪيو ويندو علامتي بک ھڙتال جاري رھندي.










