آصف علي زرادري ۽ فريال تي فرد جرم جي ڪاروائي وري ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جعلي اڪائونٽ ۽ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ هڪ دفعو ٻيهر اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهي. جمعي تي احتساب عدالت نمبر ٻه جو جج اعظم خان جي غير موجودگي سبب فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو عمل 29 جولاءِ تائين ملتوي ڪيو ويو. اڳ ۾ ٻه ڀيرا پيپلز پارٽي جي اڳواڻن پاران داخل ڪيل درخواست سبب فرد جرم جي ڪاروائي ملتوي ٿي هئي. هڪ ڀيرو ته بلاول هائوس ڪراچي ۾ ويڊيو لنڪ تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جا انتظام به ڪيا ويا پر ڪاروائي ملتوي ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو