آصف زرداري پاران اتحادين جي سربراهن جي مان ۾ ڊنر،اهم ڳالهيون

آصف زرداري پاران اتحادين جي سربراهن جي مان ۾ ڊنر،اهم ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو) پ پ پارليامينٽيرينز جي صدر آصف علي زرداري طرفان حڪومتي جماعتن جي سربراهن ۾ اعزاز ۾ ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو.زرداري هائوس ۾ حڪومتي جماعتن جي اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان، چوڌري شجاعت حسين، خالد مقبول صديقي، شاهزين بگٽي، خالد مگسي، اسلم ڀوتاڻي، آغا حسين بلوچ، ايمل ولي خان، يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، شيري رحمان، نويد قمر، قمر زمان ڪائرا، چوڌري منظور ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڊنر تقريب ۾ غفور حيدري، فيصل سبزواري، چوڌري ياسين، چوڌري سالڪ حسين، اسرار ترين، اياز صادق، راڻا ثناءُ الله به به شريڪ ٿيا، جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قرنطينه ۾ هجڻ سبب شرڪت نه ڪئي. ان موقعي تي ملڪي سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، بجيٽ جي حوالي سان تفصيلي گفتگو ڪئي وئي، سياسي جماعتن جي اڳواڻن وزيراعظم کي صلاحون ڏنيون. اجلاس ۾ قومي حڪومت جي سڀني سياسي جماعتن جي سربراهن وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار ڪيو، جڏهن ته انهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڪوششن کي به ساراهيو. حڪومتي جماعتن جي سربراهن ملڪ کي گڏجي سڀني بحرانن مان ڪڍڻ تي به اتفاق ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو