ٽنڊوباگو(ن س)اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته آصف زرداري ٻيهر دوست ٿي سگهي ٿو پر بدين ۾ ويٺل چورن سان نه،ٽنڊوباگو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ايم ڪيو ايم سان اتحاد تي سندس آصف زرداري سان اختلاف آهي.هن وڌيڪ چيو ته بدين ضلعي ۾ زرداري جي چورن جي ٽولي مون کي شڪست نٿي ڏئي سگهي.










