زرداري خلاف نيازي جا الزم غير ذميواراڻا آهن:وزيراعظم

زرداري خلاف نيازي جا الزم غير ذميواراڻا آهن:وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان طرفان اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف بيان تي وزيراعظم شهباز شريف ميدان ۾ اچي ويو.وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته آصف علي زرداري خلاف عمران نيازي جا بي بنياد ۽ خطرناڪ الزام غير ذميواراڻا آهن، سندس بيان سياسي مخالفن خلاف زهر اوڳاڇڻ لاءِ سازشي ٿيوري جي نموني موجب آهن.هن چيو ته اهڙي ڪِريل بيان بازي سياسي طور تي لاڳاپيل رهڻ جي ڪوشش آهي، سڄي قوم ڄاڻي ٿي ته هن اقتدار خاطر معاشري کي ورهائڻ لاءِ ڪهڙي قسم جي نفرت جي سياست جو سهارو ورتو.ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ عمران خان جي بيان تي چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين ڪوڙو الزام مڙهي منهنجي ڪٽنب جي حياتي خطري ۾ وڌي آهي، جيڪڏهن پيءَ، پارٽي يا مون تي حملو ٿيو ته ان جو حساب ورتو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو