آصف زرداري جي صحت ٺيڪ، آڪٽوبر ۽ نومبر انتهائي خطرناڪ آهن: وساڻ

آصف زرداري جي صحت ٺيڪ، آڪٽوبر ۽ نومبر انتهائي خطرناڪ آهن: وساڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته اڳوڻي صدر ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي حالت هاڻي بهتر آهي.پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ هڪ بيان ذريعي اڳوڻي صدر آصف زرداري جي حالت تي نه رڳو تبصرو ڪيو آهي پر نيون اڳڪٿيون به ڪري ڇڏيون آهن.سندس چوڻ آهي ته موجوده آڪٽوبر ۽ نومبر انتهائي خطرناڪ آهن، ملڪ ۾ نيون چونڊون 2023ع ۾ ٿينديون، اهو به امڪان آهي ته چونڊون هڪ سال لاءِ ملتوي ڪيون وڃن.منظور وساڻ جو چوڻ آهي ته هاڻي پراڻا منهن آرام ڪندا ۽ نوان چهرا جيلن ۾ ويندا، ڪجهه خيرپور جيل ۾ به ايندا، انهن جي خدمت ڪندس.پ پ اڳواڻ دعويٰ ڪئي آهي ته هاڻي ملڪ ۾ ڪيترائي راز پڌرا ٿيندا، حڪومت به متحرڪ ٿيندي ۽ اسٽيبلشمينٽ کي به متحرڪ ڪيو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته شفاف ۽ آزاد ٿيڻ گهرجن ۽ حڪومت جو مدو به پورو ٿيڻ گهرجي.منظور وساڻ اهو به چيو آهي ته اڳ ئي چيو هو ته ڪيتريون ئي آڊيوز ۽ وڊيوز ليڪ ٿينديون جنهن کي هر ڪو ڏسي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو