لاهور (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان لاهور ۾ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز وفد سميت بلاول هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ صوبي جا انتظامي معاملا گڏيل تعاون سان هلائڻ تي غور ڪيو ويو ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ورڪنگ رليشنز کي مضبوط بڻايو ويندو ۽ صوبي ۾ ٿيندڙ ضمني چوندون گڏيل طور تي وڙهنداسين حمزه شهباز وفد سان گڏ بلاول هائوس پهچڻ تي پ پ اڳواڻ شاندار آجيان ڪئي انموقعي تي وڏو وزير مرادعلي شآهه، شرجيل ميمڻ، صوبائي وزير علي حيدر گيلاني، حسن مرتضيٰ عطا تارڙ عمران گورايا، ڊاڪٽر عاصم حسين، ملڪ احمدعلي ۽ خواجه سلمان رفيق سميت ٻيا به موجود هئا ٻنهي پارٽين ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ملاقات کان پوءِ اڳوڻي صدر پاران مانجهاندو به ڏنو ويو ملاقات ۾ اڳوڻي صدر حمزه شهباز کي وڏ وزارت سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني ۽ کيس صوبي جا معاملا هلائڻ ۾ تعاوپن جي آڇ ڪئي ذريعن مطابق ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران ورڪنگ رليشن شپ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ٿيو ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي غير جمهوري حرڪتن جو گڏيل مقابلو ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو ملاقات ۾ تحريڪ انصاف جي ڊي سيٽ ٿيندڙ ميمبرن جي تڪن ۾ ضمني چونڊن جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آصف زرداري ڳالهائيندي چيو ته اسان کي اتحاد مضبوط ڪرڻو آهي ۽ ان جي ذريعي ئي عوام جا چئلينجز حل ٿي سگهن ٿا هن چيو ته سمورا فيصلا مشاورت سان ڪرڻ گهرجن صوبي ۽ عوام جي بهتري لاءِ اتفاق راءِ قائم ڪنداسين حمزه شهباز چيو ته عوام جي خدمت جي سفر ۾ هڪ آهيون ۽ هڪ رهنداسين پيپلزپارٽي اسان جي اتحادي جماعت آهي گڏ کڻي هلنداسين.










