ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارت جي آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيل فلم ’چيلو شو‘ (آخري فلم شو) جو هيرو راهول ڪوهلي فلم رليز ٿيڻ کان 4 ڏينهن اڳ لاڏاڻو ڪري ويو.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب گجراتي فلم ’چيلو شو‘ (آخري فلم شو) کي ڀارت طرفان ايندڙ سال آسڪر ايوارڊز جي مختلف ڪيٽيگريز ۾ نامزدگين لاءِ چونڊيو ويو آهي.فلم کي ملڪي سطح تي 14 آڪٽوبر تي رليز ڪيو پيو وڃي، پر ان جي رليز کان اڳ فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ 10 سالن جو هيرو راهول ڪوهلي 2 آڪٽوبر تي لاڏاڻو ڪري ويو.ميڊيا رپورٽن موجب راهول ڪوهلي بلڊ ڪينسر ۾ مبتلا احمد آباد جي اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيو هو.رپورٽ موجب راهول ڪوهلي جي فلم گذريل سال ڪيترن ئي انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ نه رڳو ڏيکاري وئي پر هن ڪيترائي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا.










