لاهور(ويب ڊيسڪ) ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻئي ميچ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي 42 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي.لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان شاهين آفريڊي ٽاس کٽي آسٽريليا کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.مهمان ٽيم پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 231 رنسون اسڪور ڪيون. آسٽريليا پاران ڪيمرون گرين 53، جوش انگلس 51 ۽ ميٽ رنشا 43 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.پاڪستان پاران ڪپتان شاهين آفريڊي 3 جڏهن ته حارث رؤف، عرفات منهاس ۽ ابرار احمد 2، 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.232 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ پاڪستان جي پوري ٽيم 44 اوورن ۾ 190 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان پاران شاداب خان ناٽ آئوٽ 71 رنسن جي اننگز کيڏي. ان کان علاوه غازي غوري 37 ۽ عرفات منهاس 33 رنسون ٺاهيون.آسٽريليا پاران ناٿن ايلس 4 ۽ ميٿيو شارٽ 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.










