پاڪستان  آسٽريليا کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

پاڪستان آسٽريليا کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان آسٽريليا کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
راولپنڊي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان آسٽريليا خلاف ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
پاڪستان خلاف آسٽريليا جي پوري ٽيم 45 هين اوور ۾ 200 رنز تي آئوٽ ٿي وئي.
آسٽريليا پاران ميٿيو رينشا 61 ۽ ميٿيو شارٽ 55 رنز ٺاهيون، جڏهن ته ميٿيو ڪوهنيمن 24 رنز جي اننگز کيڏي.
پاڪستان پاران ڊيبيو ڪندڙ عرفات منهاس 32 رنز عيوض 5 وڪيٽون حاصل ڪيون. ان کان علاوه ابرار احمد 2، جڏهن ته ڪپتان شاهين آفريدي، سلمان آغا ۽ حارث رئوف هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
پاڪستان 201 رنز جو ٽارگيٽ 43 هين اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
پاڪستان پاران بابر اعظم 69 ۽ غازي غوري 65 رنز ٺاهي نمايان رهيا. ان کان سواءِ صاحبزاده فرحان 28 ۽ عرفات منهاس 18 رنز ٺاهيون.
پاڪستان کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ هڪ-ٻڙي (1-0) جي برتري حاصل ٿي وئي آهي. سيريز جي ٻي ون ڊي ميچ 2 جون تي لاهور ۾ کيڏي ويندي.
ياد رهي ته پاڪستاني ٽيم اڄ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي؛ پاڪستان هڪ هزار ون ڊي ميچون کيڏيندڙ دنيا جي ٽين ٽيم بڻجي وئي آهي. ان کان اڳ آسٽريليا ۽ ڀارت هڪ هزار ون ڊي ميچون مڪمل ڪري چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو